صدام لاشاري کي مقابلو ڄاڻائي مارڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج

0
328
صدام لاشاري کي مقابلو ڄاڻائي مارڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج
صدام لاشاري کي مقابلو ڄاڻائي مارڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا جي پوسٽ تي تبصرو ڪرڻ تان نوجوان صدام لاشاري کي مقابلو ڄاڻائي مارڻ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن

جيڪب آباد، قاضي احمد ۽ شهدادڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري صدام لاشاري جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

ٺل ۾ صدام لاشاري جي قتل خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سمورين سياسي سماجي تنظيمن شرڪت ڪئي

آل پارٽيز ڪانفرنس پاران جمعي ڏينهن ٺل ۾ شٽربند هڙتال ۽ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

ٺل واسي نوجوان صدام لاشاري موت کان اڳ پنهنجي هڪ آڊيو ڪال ۾ چيو هو ته سندس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، کيس قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن

هي به پڙهندا

فريد آباد: گهران نڪتل ناري جي پلاند ۾ نوجوان جي ماسات ۽ ماسي مبينا اغوا