القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي گرفتاري نه ٿا چاهيون: نيب جي وضاحت

0
317
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 4 اپريل تي پيش ڪرڻ لاءِ پراڊڪشن آرڊر جاري
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 4 اپريل تي پيش ڪرڻ لاءِ پراڊڪشن آرڊر جاري

اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته ۾ بشريٰ بي بي جي گرفتاري نه ٿا چاهيون، بشريٰ بي بي جي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري نه ٿيا آهن، عمران خان غلط بياني ڪري نيب کي دٻاءَ ۾ آڻڻ چاهي ٿو

عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ جج محمد بشير جي عدالت آڏو پيش ٿيا

ڊپٽي پراسڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني نه آهي، اسان بشريٰ بي بي جا ڪڏهن به وارنٽ جاري نه ڪيا آهن، جڏهن وارنٽ ئي جاري نه ٿيا آهن ته ضمانت جي درخواست به خارج ڪئي وڃيBushra Bibi's lawyer fined Rs100,000 by LHC for 'wasting court's time'

ڊپٽي پراسڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي چيو ته بشريٰ بي بي ڪيس ۾ رڳو جوابدار آهي، جوابدار بشريٰ بي بي ڪيس جي جاچ ۾ سهڪار ڪري

عمران خان جي وڪيل خواجا حارث چيو ته بشريٰ بي بي عدالت جي حڪم تي نيب جي آفيس مڙس سان گڏ وئي، نيب پاران بشريٰ بي بي کي واپس اماڻيو ويو

 بشريٰ بي بي نيب آفيس ٻاهران 6 ڪلاڪن تائين گاڏيءَ ۾ ويهي عمران خان جو انتظار ڪندي رهي، احتساب عدالت دليل ٻڌڻ بعد بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست کي اڻ اثرائتو قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏيو

هي به پڙهندا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ثاقب نثار جي پٽ خلاف ڪارروائيءَ کان روڪي ڇڏيو