وي سي آفيس ٽائيم کانپوءِ گهرائي ٿو، عهدا نه عزت کپي: عورت اسسٽنٽ پروفيسر جو وفاقي محتسب سان رابطو

0
606
وي سي آفيس ٽائيم کانپوءِ گهرائي ٿو
وي سي آفيس ٽائيم کانپوءِ گهرائي ٿو، عهدا نه عزت کپي: عورت اسسٽنٽ پروفيسر جو وفاقي محتسب سان رابطو

ڪراچي: سنڌ جي مادر علمين ۾ حراسمينٽ جو نئون اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي

سڪرنڊ جي وٽرنري يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر وائيس چانسلر تي حراسمينٽ جو الزام هنيو آهي

اسسٽنٽ پروفيسر ارم ٻگهيو وائيس چانسلر فاروق حسن خلاف وفاقي محتسب ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

اسسٽنٽ پروفيسر ارم الزام هنيو ته وائيس چانسلر الائونس لاءِ مونکي آفيس ٽائيم کان پوءِ اچڻ جو چيو، گرلز هاسٽل جي پوسٽنگ دوران بِل پاس ڪرائڻ لاءِ به مون کي ذاتي طور وائيس چانسلر جي آفيس اچڻ لاءِ چيو ويو

عورت الزام هنيو ته وائيس چانسلر جي اهڙي عمل بعد مون هاسٽل جي پرووسٽ واري عهدي تان به استعيفا ڏني وئي، جڏهن ته وائيس چانسلر ڪيئي ڀيرا اسٽاف ۽ سينيئرن جي سامهون مون کي گهٽ وڌ به ڳالهايو هو

ڊاڪٽر ارم بگهيو انصاف جو مطالبو ڪندي وائيس چانسلر فاروق حسن، ڊاڪٽر زاهد اقبال راجپوت، ڊاڪٽر هدايت الله ۽ ڊاڪٽر عطا محمد ميمڻ خلاف ڪارروائي جي گُهر ڪئي اهي