فريد آباد: گهران نڪتل ناري جي پلاند ۾ نوجوان جي ماسات ۽ ماسي مبينا اغوا

0
468
شهدادڪوٽ: بلوچستان واري علائقي ۾ صادق آباد واسي نوجوان قتل
شهدادڪوٽ: بلوچستان واري علائقي ۾ صادق آباد واسي نوجوان قتل

فريد آباد (رپورٽر) فريد آباد ڀرسان گهران نڪتل ناري جي پلاند ۾ نوجوان جي ماسات ۽ ماسي مبينا اغوا ٿي ويون

فريدآباد ويجهو ڳوٺ خدا بخش خاصخيلي مان پلاند ۾ 2عورتون مبينا طور اغوا ٿي ويون آهن

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته شيرو ڏيپر واسڻ ناري ڳوٺ خدا بخش  خاصخيلي واسي گدا حسين خاصخيلي  سان پسند پرڻي لاءِ نڪري وئي

ناري جا وارث نوجوان جي ماسي وزيران زال منظور ۽ ماسات بلقيس زال عبدالستار خاصخيلي کي اغوا ڪري ويا آهن

عبدالستار خاصخيلي جو چوڻ آهي ته سوڍر ڌر جا هٿياربند گهرن تي حملو ڪرڻ  بعد منهنجي زال سميت ٻن عورتن کي  اغوا ڪري ويا آهن

مغوي عورتن جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته پاڪ ڪتاب کڻي وڃڻ بعد سوڍر ڌر  عورتن کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،  نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي