سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان

0
358

ڪراچي: سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪندي نئين فورس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته غيرقانوني بس اڏا هلائيندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

هن چيو ته پابندي باوجود اسڪولي وينز ۾ گئس سلينڊرز استعمال ڪندڙن کي به نه ڇڏيو ويندو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ جي بهتري لاءِ هڪ نئون فورس قائم ڪري رهيا آهيون، نئون فورس ٽرانسپورٽ جي قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائيندو