سنڌ سميت هر صوبي جو ڌار سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پنهنجو جهنڊو هجڻ گهرجي: مخدوم سعيد الزمان

0
524

سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان چيو آهي ته سنڌ سميت هر صوبي جو ڌار سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پنهنجو جهنڊو هجڻ گهرجي

سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان جو وڏو بيان سامهون اچي ويو آهي

مخدوم سعيد الزمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هر رياست جو پنهنجو ڌار سڃاڻپ ڪارڊ ۽ جهنڊو هجي ٿو

هن چيو ته پاڪستان ۾ به صوبن جا پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ جهنڊا هجڻ گهرجن

مخدوم سعيد الزمان چيو ته اسان جي تجويز آهي ته سمورن صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ جو پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ جهنڊو هجڻ گهرجي، صوبن جا پنهنجا ڪارڊ ۽ جهنڊا هئڻ سان هڪ ٻئي لاءِ احترام پيدا ٿيندو