صحت بهتر آهي، 19 مارچ تي ڪراچي ۾ پيادل مارچ ۾ شرڪت ڪندس: زين شاهه

0
165

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو پيدل مارچ گجو کان ڪراچيءَ لاءِ روانو، مارچ ۾ شامل قافلا اڄ گهارو کان ٿيندا ڌاٻيجي جي علائقي مارڪيٽ پهچندا

ايس يو پي جي صدر زين شاهه چيو آهي ته 15 فيبروري تي سکر مان نڪتل پيدل مارچ 19 مارچ تي ڪراچي پهچندو، سنڌ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ سنڌ جا ماڻهو پيدل مارچ ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪن

وڊيو بيان ۾ سيد زين شاهه جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل آدمشماري دوران جعلي ڊيٽا ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي

هن جو چوڻ هو ته سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پيپلزپارٽي کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻي پوندي، منهنجي صحت هاڻي بهتر آهي، 19 مارچ تي ڪراچي پهچندڙ پيدل مارچ ۾ سنڌ واسين سان گڏ شرڪت ڪندس

هي به پڙهندا

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو پيدل مارچ ٺٽي شهر پهچي ويو، گلن جي ورکا

خدشن باوجود ڪا به سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي آهي:زين شاهه