پنوعاقل مان کنڀيل مختيارڪار ۽ سندس واپاري ڀاءُ گهر پهچي ويا

0
223
پنوعاقل مان کنڀيل مختيارڪار ۽ سندس واپاري ڀاءُ گهر پهچي ويا
پنوعاقل مان کنڀيل مختيارڪار ۽ سندس واپاري ڀاءُ گهر پهچي ويا

پنوعاقل/ تنگواڻي (نمائندن وٽان) پنوعاقل مان کنڀيل مختيارڪار ۽ سندس واپاري ڀاءُ گهر پهچي ويا، پنوعاقل مان 2 ڏينهن اڳ کنڀيل  مختيارڪار ۽ سندس واپاري ڀاءُ آزاد ٿي گهر پهچي ويا

مختيارڪار آصف ڪلوڙ ۽ غلام علي  ڪلوڙ جي رات دير سان گهر پهچڻ تي گهرڀاتين ۾ خوشي جي لهر پکڙيل آهي

ٻئي ڀائر 2 ڏينهن اڳ کنڀجي ويا هئا، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به  سامهون آيا هئا

ٻئي پاسي تنگواڻي ٿاڻي جي حد مان ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر مبينا طور اغوا ٿي ويا، تنگواڻي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي  فائرنگ ۾ ٽرڪ جا ٽائر برسٽ ٿي ويا، ڊرائيور ڪلينر سميت مبينا طور اغوا ٿي ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند ٽرڪ تي فائرنگ بعد عبدالغني  جتوئي ۽ 16ورهين جي ڪلينر زبير بهراڻي کي اغوا ڪري ويا

جڏهن ته ڪرمپور ۾ سرن جي بٺي تي پورهيو ڪندڙ لاڙڪاڻي واسي 2 پورهيت اغوا ٿي ويا، بٺي مالڪ ياسين ميراڻي جو چوڻ آهي ته هٿياربند پورهيت انور علي ۽ ممتاز شاهه کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ: اغوا ڄاڻايل 2 اهلڪارن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ