اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعليٰ سنڌ مراد شاهه آدمشماري مامرو وزيراعظم آڏو اٿاري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻين صوبن کي به اعتراض آهن، آدمشماري تي تحفظات ختم ڪبا، چاهيون ٿا ته وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ آدمشماري مڪمل ٿئي، آدمشماري بابت مانيٽرنگ ڪاميٽي جو به اجلاس، سنڌ سرڪار آدمشماري بابت هڪ ڪابينا ميمبر فوڪل پرسن نامزد ڪندي جيئن آدمشماري ڪرائيندڙ اداري شماريات بيورو سان مسلسل رابطي ۾ رهي ۽ آدمشماري جي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪري ان کي بروقت مڪمل ڪري سگهجي. تفصيل موجب رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ ستين آدمشماري جي مانيٽرنگ ڪاميٽي جو ستون اجلاس ٿيو، اسلام آباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، نادرا چيئرمين، آدمشماري ڪرائيندڙ شماريات بيورو جي سربراهه، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽرين سوڌو ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ ڪابينا جو هڪ ميمبر ستين آدمشماري بابت فوڪل پرسن نامزد ڪندي ته جيئن آدمشماري ڪرائيندڙ اداري شماريات بيورو سان مسلسل رابطي ۾ رهي ۽ آدمشماري جي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪري ان کي بروقت مڪمل ڪري سگهجي، اجلاس ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري جي سرگرمين، فيلڊ آپريشن ۽ ٻين مامرن جو به جائزو ورتو ويو، شماريات چيف ڊاڪٽر نعيم ظفر هن  وقت تائين آدمشماري بابت ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي عوام کي آگاهي لاءِ ميڊيا ۾ آدمشماري جي مهم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، رٿابندي جي وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته ڊجيٽل آدمشماري بابت حڪومت سمورن صوبن کي گڏ کڻي هلي رهي آهي، حڪومت سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. ٻئي طرف ذريعن ٻڌايو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس دوران آدمشماري تي سنڌ جي اعتراضن کان آگاهه ڪيو، سنڌ جي وڏي وزير سنڌ صوبي ۾ ٿيندڙ آدمشماري جي ڪم تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي ڀروسو ناهي  ته اهو ڪم ٺيڪ ٿي رهيو آهي، ذريعن مطابق سنڌ جي وڏي وزير درست نموني سان آدمشماري نه ٿيڻ، غير ملڪين کي ڌار ڳڻڻ، سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط بحال ڪرڻ جي خاطري باوجود مڪمل طور تي ان تي عملدرآمد نه ٿيڻ، آدمشماري جي روز گڏ ٿيندڙ ڊيٽا بابت سنڌ کي رسائي نه ملڻ سميت ڪيترائي اعتراض واريا آهن، جڏهن ته اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٿيندڙ آدمشماري تي سنڌ کي اعتراض آهن اسان کي اڃا تائين ڀروسو ناهي ته آدمشماري جو ڪم ٺيڪ ٿي رهيو آهي، سنڌ جي اعتراضن جا ڪيترائي سبب آهن، وزيراعظم کي به آگاهه ڪندس. جنهن بعد سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري آدمشماري تي سنڌ جي اعتراضن کان وزيراعظم کي تفصيلي آگاهه ڪري ڇڏيو، آدمشماري بابت ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 2021ع ۾ اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ٻيهر آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو هو، ڇو ته گذريل آدمشماري تي ڪجهه صوبن ۽ سياسي پارٽين کي شديد تحفظات هئا، هن چيو ته آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو سي سي آءِ جو آهي جنهن جي باقائده شروعات ٿي چڪي آهي ان لاءِ فنڊ به فراهم ڪيا ويا آهن، ٿيندڙ آدمشماري تي صوبن کي اعتراض آهن، انهن سان ملاقات ٿي آهي، صوبا انهن تحفظاتن جو ازالو چاهين ٿا، صوبن کي معاونت به ڪرڻي آهي، وزيراعظم چيو ته چاهيون ٿا ته وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ آدمشماري جو ڪم مڪمل ٿئي، اسان مالي چيلينجن باوجود مالي معاونت ڪئي ته جيئن اهو عمل بروقت مڪمل ٿئي، صوبن جا تحفظات ختم ڪبا.