خدشن باوجود ڪا به سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي آهي:زين شاهه

0
261

ڀان سيدآباد: تڪراري ڊجيٽل آدمشماري ۽ ٻين ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ ايس يو پي جو لانگ مارچ ڀان سيد آباد مان ڪراچي روانو ٿي ويو

سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ جاري پيدل مارچ رات ڀان سيد آباد ۾ ترسيو، سيد زين شاهه چيو آهي ته خدشن باوجود ڪا به سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي آهي، سنڌ جي نئين سر بحاليءَ لاءِ رستن تي آيا آهيون

 سنڌ جا ماڻهو پيدل مارچ ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪن، سنڌ ۾ مهانگائي غريبن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آهي، ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، حڪمرانن مان جان ڇڏائڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو

هن چيو ته پرڏيهين کي هتي رهڻ نه ڏينداسين، ڌارين جي ڪري مقامي ماڻهن سان ظلم ٿي رهيا آهن، پرڏيهي هتي اچي سنڌي  ماڻهن سان زيادتيون ڪري رهيا آهن، اسان جي جدوجهد جاري رهندي

هي به پڙهندا

ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ زين شاهه جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو