شهباز يا مريم ، ن ليگ ڪنهن سان گڏ آهي ؟

0
269
حمزه شهباز کي رليف ڏياريندڙ پي ٽي آءِ جون درخواستون

عمران خان پنهنجي حڪومت واري اتحاد کي سنڀالڻ ۾ ۽ مولانا وارا وري پنهنجي پي ڊي ايم واري اتحاد کي سنڀالڻ ۾ پورا آهن، ٻنهي اتحادن جي ڪارڪردگي عوام جي امنگن جي عين ابتڙ آهي، ٻنهي پاسي وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي، گروپ بندي جا انيڪ داستان آهن، نظرين جي به جمعي بازار لڳل آهي، ان ڪري جيڪو جتي آهي ان جي اتي ويڙهه جاري آهي، جيڪڏهن حڪومتي يا مخالف ڌر وارو وڪٽري جو نشان ڏيکاري پنهنجي گاڏي ۾ روانو ٿي وڃي ٿو تڏهن سندس وڪٽري جي نشان جو اصل مقصد بنهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سندس فتح جو مقصد پنهنجي مخالف سياسي اتحاد کي زير ڪرڻ آهي يا پنهنجي ئي اتحاد اندر پنهنجي موقف جي ڪاميابي حاصل ڪرڻ آهي يا پنهنجي پارٽي جي اندر ٻئي گروپ کي مزو چکائڻو آهي، تنهن ڪري صورتحال “چلي جا رهي هي خدا ڪي سهاري” جهڙي لڳي پئي آهي، نه پنهنجي ڪپتان جو ڪو ڪمال آهي ۽ نه ئي وري پي ڊي ايم جي ڪا خوبي.
مخالف ڌر واري اتحاد پي ڊي ايم هڪ ٻئي لاءِ رڳو انا واري رستي جو دڳ کليل ڇڏيو آهي، مولانا، مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي وارا چون ٿا ته جيڪڏهن پ پ پ ۽ اي اين پي کي اچڻو آهي ته معافي جو دڳ کليل آهي، هاڻي جيڪڏهن پ پ پ ۽ اي اين پي وارا ايئن ڪن ٿا ته سندن سياسي ساک وڃي زيرو بيهندي، جيڪڏهن مولانا وارا غير مشروط آجيان ڪن ٿا ته سندن سياسي پختگي جو سوال پيدا ٿيندو. هينئر جيڪڏهن صورتحال کي شهباز شريف کي سامهون رکي سوچيون ٿا ته شهباز شريف جي هر طرف آجيان جهڙي صورتحال نظر اچي رهي آهي، مون آل پارٽيز ڪانفرنس دوران سمورن اڳواڻن جي گڏيل پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو کان سوال ڪيو هو ته قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ توهان ان هائوس تبديلي جي ڳالهه ڪيو پيا جڏهن ته مريم نواز وارا نيون چونڊون چاهين ٿا، جنهن تي بلاول ڀٽو وراڻيو هو ته نواز ليگ وارا ڇو نه چاهيندا ته شهباز شريف وزيراعظم ٿئي ۽ حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير ٿئي. شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي به مزاحمت کان مفاهمت واري پاسي آڻڻ وارين ڪوششن ۾ڪامياب ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته هينئر جيڪو ٽن سالن کان پوءِ چوڌري نثار پنجاب اسيمبلي ۾ حلف کنيو آهي ان جو به شهباز شريف سان نظرياتي حوالي سان ساڳيو موقف رهيو آهي، چوڌري نثار جنهن مريم نواز کي پنهنجو اڳواڻ تسليم نه ڪرڻ وارو موقف اختيار ڪندي چيو هو ته “بچي غير سياسي هوتي هين” ان ساڳئي چوڌري نثار شهباز شريف جيان ئي نواز شريف کي جي ٽي روڊ ذريعي “مجهي ڪيون نڪالا” واري تحريڪ هلائڻ کان روڪيو هو.
هينئر ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي ترجمان محمد زبير جو اهو بيان به بار بار بحث ٿئي ٿو جنهن ۾ هن چيو هو ته پنڊي وارا ۽ سندس پارٽي ساڳئي پيج تي آهن، شيخ رشيد به اهڙي بيان کي بهتر بيان سمجهي ٿو، ان ڪري ئي جڏهن شهباز شريف کان ڊيل بابت سوال ٿئي ٿو ته شهباز شريف اهڙي سوال جو جواب ڏيندي چوي ٿو ته هينئر ئي جيل ڪاٽي آيو آهيان، اها ڪهڙي ڊيل آهي؟ جڏهن ته مريم نواز گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار واري سوال تي جواب نه ڏيڻ وارو موقف اختيار ڪري اهو ٻڌائي ڇڏيو ته چوڌري نثار جو مسلم ليگ (ن) سان ڪو به تعلق ناهي، جيترو مريم نواز چوڌري نثار کي ن ليگ اندر ڌاريو تصور ڪرائي ٿي ايترو ئي چوڌري نثار شهباز شريف لاءِ پنهنجو بڻيل آهي، جڏهن ته شيخ رشيد به گذريل ڪيتري عرصي کان ن ليگ اندر ش ليگ جي پيدا ٿيڻ جون اڳڪٿيون ڪندو آيو آهي، هينئر ته گهرو کاتي جو وفاقي وزير ٿيڻ کان پوءِ شيخ رشيد ايئن به چيو آهي ته ش ليگ سندس پارٽي آهي، جڏهن ته شيخ رشيد جن جي ٻولي ڳالهائيندو آهي اهي به شهباز شريف سان مفاهمت واري معاملي جا حامي آهن. ان سڄي صورتحال ۾ جيڪڏهن شهباز شريف جو ڪو مخالف آهي ته اهو عمران خان اينڊ ڪمپني آهي، ڇو ته اهي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر وڃي نواز شريف سان ملاقات ڪري پنهنجي ڀاءُ کي به مزاحمت بجاءِ مفاهمت واري پاسي وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ سياست جو توازن عمران خان جي حق ۾ نه رهندو، جنهن ڪري عمران جي حڪومت اي سي ايل معرفت شهباز شريف کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ ۾ هينئر تائين ته ڪامياب نظر اچي رهي آهي،
پر شهباز شريف ڪورٽن معرفت اي سي ايل مان پنهنجو نالو ڪڍرائڻ ۾ جيڪڏهن ڪامياب ٿي لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪري پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته پوءِ ايئن به ٿي سگهي ٿو ته هڪ ڀيرو ٻيهر نواز شريف ۽ مريم نواز جا ٽوئيٽر سال تائين خاموش ٿي وڃن ۽ ملڪ اندر شهباز شريف جي مفاهمت وارو اتحاد ۽ عمران خان حڪومت جو مقابلو آمهون سامهون نظر اچي. ان سڄي صورتحال ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي بيانيي جو نقصان به سامهون اچي سگهي ٿو، ڇو ته هينئر تائين جتي هر طرف شهباز شريف جي مفاهمت سان متفق ٿيڻ وارو ماحول نظر اچي رهيو آهي ته ٻئي طرف نواز شريف ۽ مريم نواز سان هر طرف اختلافن وارو ماحول ايئن پيدا ٿيل آهي جو اهڙي ماحول جي بنياد تي نواز شريف ۽ مريم نواز کي موجوده سياسي نظام تي بار به قرار ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، هڪ طرف پيپلز پارٽي هينئر کليل نموني چئي رهي آهي ته اسان ڪنهن ٻئي جي ايجنڊا تي نه هلنداسين،
جڏهن ته نواز شريف جي بجاءِ اسٽيبلشمينٽ وارا به شهباز شريف کي بهتر سمجهي رهيا آهن. جيڪڏهن ان سڄي صورتحال ۾ مريم نواز جو ٽوئيٽر وري خاموش ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهو سمجهيو ويندو ته جيڪو ڪجهه سندس مزاحمتي بيانيو هو ان نواز ليگ يا ملڪ جي سياست لاءِ بهتر رستا فراهم ڪرڻ جي بجاءِ ملڪ جي نظام کي مفلوج بڻائڻ وارو ماحول پيدا پئي ڪيو جنهن ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر کيس خاموش ڪرايو ويو آهي، پر اها اڃان حتمي ڳالهه ناهي ته نواز ليگ جي اندر شهباز شريف جو بيانيو وزن وٺي ٿو يا هن ڀيري نواز شريف شهباز شريف جي ڳالهه تسليم ئي نه ڪندو. شهباز شريف جي پنهنجي ڀاءُ جي باري ۾ ڪريڊبلٽي پهرين ڏينهن کان اها ضرور رهي آهي ته هن ڪڏهن به نواز شريف کي اقتدار خاطر پٺي ۾ ڇرو ناهي هنيو، ان ڪري هينئر کان ئي اها راءِ آهي ته شهباز شريف ملڪ جي سموري سياسي نظام جو سهارو وٺندي پي ڊي ايم معرفت نواز شريف کي روڊ رستن بجاءِ پارليامينٽ اندر سياست کي واپس آڻڻ جي حوالي سان قائل ڪرڻ جي انتهائي ڪوشش ڪندو، جيڪڏهن شهباز شريف اهڙي ڪوشش ۾ ڪامياب نه ٿو ٿئي ته پوءِ هو نواز شريف جي سامهون واري سياست هرگز نه ڪندو.
نواز شريف ۽ شهباز شريف جي وچ تي مزاحمت ۽ مفاهمت واري بيانيي ۾ هينئر مريم نواز ڪهڙو پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي؟ ان سوال کان اڳ اهو سوال اهم آهي ته پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي جي پي ڊي ايم ۾ واپسي لاءِ جيڪي شهباز شريف پاران ڪوششون ورتيون ويون آهن اهڙي ڪوشش کي سندس پارٽي اندر ئي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پارٽي جي سينيئر قيادت شاهد خاقان عباسي کليل لفظن ۾ چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي واپس آئي ته هو پي ڊي ايم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، جڏهن ته مريم نواز به شاهد خاقان عباسي جي موقف کي ن ليگ جو موقف قرار ڏئي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته نه رڳو هوءَ پارٽي جي پاڻ اڳواڻ واري حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي پر هن پنهنجي اهڙي موقف سان شهباز شريف سان به سياسي اختلافن جو بنياد گهٽ ۾ گهٽ پارٽي اندر تائين وجهي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هينئر پارٽي جي اندر گروپ بندي جو عنصر نظر اچي رهيو آهي. هي اهڙي صورتحال بڻجي وئي آهي جو جيڪا مريم نواز بلاول ڀٽو کي مخاطب ٿي چوندي هئي ته بلاول اچ ته واعدو ڪريون ته سياست ۾ مقابلو ڪنداسين پر هڪ ٻئي جا دشمن نه ٿينداسين، هينئر صورتحال اهڙي آهي جو مريم نواز جو بلاول سان نه پر پنهنجي ئي سوٽ حمزا شهباز سان مقابلو ٿي پيو آهي، ايئن به چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن نواز شريف ۽ شهباز شريف جي وچ تي اختلاف نه به ٿيا ته مريم نواز ۽ حمزا شهباز جي وچ تي نظرياتي اختلاف ضرور پيدا ٿي سگهن ٿا.
شهباز شريف جيڪڏهن مفاهمت واري معاملي ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويو ته پوءِ شهباز شريف جو فارمولو آصف علي زرداري وارو ساڳيو يوسف رضا گيلاني کي کٽرائڻ وارو ئي هوندو جنهن ۾ ايندڙ بجيٽ دوران عمران خان حڪومت کي پارليامينٽ اندر ايئن شڪست ڏيڻ مقصد هوندو جيئن پيپلز پارٽي وارن يوسف رضا گيلاني معرفت عمران خان کي قومي اسيمبلي واري تڪ ۾ شڪست ڏئي عمران خان جا بنياد ڪمزور ڪري ڇڏيا هئا، شهباز شريف ساڳيو رستو اختيار ڪندي بجيٽ کان اڳ اهڙو ماحول پيدا ڪري سگهي ٿو
جنهن جي بنياد تي عمران خان بجيٽ پاس ڪرائڻ واري هڪ نئين امتحان ۾ ڦاسي سگهي ٿو، ان ڪري ئي عمران خان بار بار چئي رهيو آهي ته هو حڪومت ڇڏي ڏيندو پر اين آر او ڪنهن کي به نه ڏيندو. هينئر عمران خان جي صورتحال اهڙي آهي جو چوڌري نثار کي حلف کڻڻ کان به روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان سان اهو تاثر به سامهون آيو ته عثمان بوزدار جي حڪومت به نفسياتي دٻاءَ جو شڪار آهي ته ڪٿي جهانگير ترين معرفت ان هائوس تبديلي ذريعي چوڌري نثار کي متبادل نه بڻايو وڃي. عمران خان جي وفاقي سرڪار هجي يا پنجاب ۾ عثمان بوزدار جي پي ٽي آءِ واري حڪومت، هينئر سخت نفسياتي دٻاءَ جو شڪار آهي، جنهن ۾ لفظن جي حد تائين سندن چوڻ آهي ته اهي ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندا پر حقيقت ۾ عمران خان هينئر پنهنجي حڪومت کي بچائڻ واري ايجنڊا تي وڌيڪ مصروف نظر اچي رهيو آهي، هڪ پاسي عمران خان شهباز شريف سميت ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيڻ جو ورجاءُ ڪندو رهي ٿو پر سندس ڪابينا جي اندر به مفاهمت واري راءِ موجود آهي،
جڏهن ته ملڪ جي سياسي نظام اندر هڪ پاسي شهباز شريف کي خاموش حمايت ملندي نظر اچي رهي آهي ته ٻئي پاسي اهو ورجاءُ به ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر ويو ته پنهنجي ڀاءُ نواز شريف جيان واپس نه ايندو، اهڙي موقف سان موجوده حڪومت پنهنجي احتساب جي بيان کي ورجائي رهي آهي ته عمران خان جي حڪومت بنيادي طور تي نواز شريف هجي يا شهباز شريف ڪنهن سان به ڪا رعايت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته حقيقت ۾ ملڪ جي اندر شهباز شريف جي ٻاهر وڃڻ جو مقصد عمران خان جي حڪومت جي ڪمزور ٿيڻ سان ڀيٽيو وڃي ٿو. هوڏانهن نواز شريف ۽ مريم نواز جي بيانيي جي تسلسل ۾ نواز شريف جي پارٽي جا مريم نواز جا حامي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ساڳيو تسلسل برقرار رهيو ته ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ (نواز) اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري وٺندي، جيڪڏهن شهباز شريف جي نظريي جي بنياد تي ڪجهه وقت لاءِ خاموشي وارو موقف ورجائجي ٿو ته ان سان پارٽي کي وقتي فائدو ته ٿي سگهي ٿو پر ايندڙ چونڊن ۾ اها ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهندي، جنهن جي توقع هينئر کان ئي پارٽي جو هر ميمبر لڳائي ويٺو آهي، ان سڄي صورتحال ۾ اهو ڏسڻو آهي ته شهباز شريف ۽ مريم نواز ساڳئي پيج تي اچي سگهن ٿا يا نه؟