سنڌ آخرڪيسيتائين پاڻي تي زيادتي برداشت ڪري!؟

0
321

سنڌو درياءَ جي مالڪ هوندي سنڌ هن وقت پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهي آهي، زراعت ۽ پوکي ته ٿي پري جي ڳالهه ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن ڪاڇي کان وٺي ڪوهستان تائين، ٿر کان وٺي لاڙ پٽي تائين ڪيترا علائقا آهن جتي ماڻهو حياتي لاءِ نقصانڪار پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن کين خبر به آهي ته هو جيڪو پاڻي پي رهيا آهن اهو پاڻي جي صورت ۾ زهر آهي جيڪو سندن رڳن ۾ آهستي آهستي لهي رهيو آهي پر اڃ اجهائڻ لاءِ انهن وٽ ٻيو ڪو رستو ئي نه هوندو آهي جنهن ڪري هو اهو زهر پيئڻ تي مجبور هوندا آهن.جيئن جيئن ڏينهن تپي رهيا آهن، انهي پاڻي جي طلب ۽ تڙپ انسان توڙي ٻنين ۽ هر ساهه واري جيءَ لاءِ وڌي رهي آهي جنهن ڪري سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ مان احتجاج جون صدائون بلند ٿي رهيو آهن. اهو ڪاڇي جي ڪنڌي تي آباد شهر جوهي هجي يا لاڙ پٽ جو تلهار . هاڻي ته سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پارٽي جا ڪارڪن به لاڙڪاڻي ۽ نئين ديري ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن.
سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب پاران چورائڻ خلاف سڄي سنڌ هڪ آهي جنهن آواز ۾ سرڪاري پارٽي جو به آواز شامل آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته پنجاب منڍ ۾ هئڻ ۽ طاقت جي زور تي سنڌ سان پاڻي جي معاملي ۾ زيادتي ڪري رهيو آهي جيڪي ڪئنال رڳو ٻوڏ ۾ وهائڻ جي اجازت آهي پنجاب اهي ڪئنال سخت کوٽ واري مند ۾ به وهائي سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻي رهيو آهي. هاڻي ته پاڻي جي ورڇ واري اداري ارسا به صوبن لاءِ وارننگ جاري ڪئي آهي ته صورتحال اڃان خطرناڪ ٿي سگهي ٿي،سنڌ حڪومت مسلسل تونسا پنجند کولڻ تي احتجاج ڪري رهي آهي جڏهن ته پاڻي معاملن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمن يوسف ٽالپر به وزيراعظم کي خط لکي ارسا طرفان پنجاب کي ٽي پي وهائڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ارسا جي چيئرمين کي هٽايو وڃي جڏهن ته ان کان اڳ ۾ سنڌ اسيمبيلي به سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال وهائڻ خلاف ٺهراءَ پاس ڪري چڪي آهي ۽ ارسا چيئرمين جي رويئي جي مذمت ڪري چڪي آهي جيڪو هن ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر سان اختيار ڪيو ۽ سنڌ ڪي پي ۽ بلوچستان جي مخالفت باوجود پنجاب کي تونسا پنجند کولڻ جي اجازت ڏني. سنڌ لڳاتار وفاقي حڪومت کي انهي معاملي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چئي رهي آهي،ڪالهه به سنڌ جي آبپاشي جي وزير اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪري پاڻي بابت سنڌ جي شڪايتن کان آگاهه ڪيو آهي جنهن تي وزيراعظم اڄ اجلاس گهرائي ورتو آهي جنهن ۾ ارسا چيئرمين ،سنڌ پنجاب جي ارسا ۾ نمائندن ۽ لاڳاپيل اختيارين کي شرڪت جي هدايت ڪئي وئي آهي اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ صوبن جي شڪايتن جو جائزو ورتو ويندو.
اسان سمجهون ٿا ته پاڻي جو معاملو انتهائي حساس نوعيت جو آهي ،سنڌ کي سدائين پنجاب کان شڪايتون رهيون آهن پر انهن جو ڪو حل نه نڪتو آهي ڇاڪاڻ ته پنجاب نه 91 ع جي پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ ٿو ڏئي نه ئي وري تونسا پنجند لنڪ ڪئنال رڳو ٻوڏ دوران کولڻ تائين محدود ٿو رهي، جنهن وقت سندس مرضي پوي ٿي پنهنجي حصي کان به وڌيڪ پاڻي کڻي ٿو وٺي جنهن جو نقصان سنڌ جي زراعت کي پهچي ٿو. وزيراعظم طرفان سنڌ جي شڪايتن تي اجلاس گهرائڻ هڪ بهتر قدم آهي پر اهو اجلاس رڳو اجلاس تائين محدود نه هئڻ گهرجي ان ۾ سنڌ جون شڪايتون ٻڌي انهن کي حل ڪرڻ ۽ اڳتي لاءِ 91 ع جي ٺاهه تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي.آخر ڪيسيتائين سنڌ پاڻي جي معاملي تي ٿيندڙ زيادتي برداشت ڪندو رهندو.