لاڙڪاڻو؛ 12 ورهين جو نينگر ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي زخمي

0
224

لاڙڪاڻو : ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ آندل تنيو جو رهواسي 12 سالن جو طالب پٽ خادم شيخ گهر جي ڇت تان گذرندڙ 11 هزار تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 70 سيڪڙو سڙي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي کي ڪراچي علاج لاءِ موڪليو ويو. ان موقعي تي سڙيل ٻار جي پيءُ خادم حسين ۽ ڏاڏي صدوران خاتون شيخ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ احتجاج ڪندي الزام هنيو ته اسان صبح کان وٺي اسپتال ۾ داخل آهيون پر هتي ڪو علاج ناهي اسان جي مريض جو علاج نه ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي علاج لاءِ ڪراچي ٿا موڪلن، اسان غريب آهيون اسان کي نه دوا ۽ علاج جا پيسا ناهن، هنن صحت کاتي جي عملدارن کي اپيل ڪئي ته اسان معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي مريض جو علاج شروع ڪيو وڃي.