ڇاڇري ۾ زير زمين کوهن جي سطح گهٽجڻ لڳي، ماروئڙا پاڻي ڦڙي لاءِ دربدر

0
306

ڇاڇرو:شهر سميت ٿر جي علائقن گرمي جي شدت وڌڻ سبب پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي. ٿر ۾ سخت گرمي سبب زير زمين کوهن ۾ پاڻي جي سطح گهٽجڻ لڳي، غريب ماروئڙا پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ دربدر، عورتون ۽ ٻارڙا سڄو ڏينهن پيئڻ جي پاڻي جي تلاش ۾ پريشان آهن. ڏاهلي تعلقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ کوهن ۾ پاڻي سڪي ويو. سنڌ سرڪار جي اعلانن تي عمل نه ٿيو، ٿرپارڪر ۾ لڳل 750 آر او پلانٽ مڪمل طور ناڪاره بڻيل آهن. آر او پلانٽن جي مرمت لاءِ ڪوبه نوٽيس نه ورتو ويو، چونڊيل نمائندا به خاموش آهن. ٿر واسي ٻيهر کوهن جو کارو پاڻي واپرائڻ لڳا، جنهن سبب ڪيترائي معصوم ٻارڙا پيٽ جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن.