شريف فيملي مافيا آهي جيڪا پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي: عمران خان

0
194
عمران خان جو ڪينيڊين

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شريف فيملي مافيا آهي جيڪا پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي، اسان کي ان مافيا سان مقابلو  ڪرڻو آھي

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ترجمان جي اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي غور ڪيو ويو

وزيراعظم چيو ته عدالت شريف فيملي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آھن ، نواز شريف جي پٽ جي آفيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس جو بيان حلفي نوٽرائز ٿيو، مريم نواز جي ڪيس جي فيصلي کان اڳ بيان حلفي سامهون آندو ويو

 وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شريف فيملي هڪ مافيا وانگر  ايڪٽ ڪري رهي آهي، شريف فيملي پاڻ کي بچائڻ لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ اسان عوام جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، شريف فيملي هميشه عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪيا آهن، اسان کي ان مافيا جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ عدالت انهن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي

ھي بھ پڙھندا

ڪنهن جي ذاتي مفاد لاءِ نه، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم