ڌڪا، ٿاٻا ۽ زخم کائڻ کانپوءِ منزل ملي: پاڪستان جي پهرين ٽرانسجينڊر ڊاڪٽر سارا گــِل جو ٽائيم نيوز کي انٽرويو

0
392

ڪراچي ( فقير سليم) پاڪستاني تاريخ جي پهرين ٽرانسجينڊر ڊاڪٽر ٿيڻ جو  اعزاز ماڻيندڙ سارا گــِل چيو آهي ته مان سماج ۾ ان مڃتا، عزت ۽ احترام لاءِ سڄي زندگي واجهائيندي رهيس، جيڪا هن وقت مون کي ملي آهي. “ٽائيم نيوز” کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ ڊاڪٽر سارا گل چيو ته ڊاڪٽر ٿيڻ رڳو منهنجي لاءِ ئي نه پر منهنجي سموري ٽرانسجينڊر يا خواجا سرا ڪميٽي لاءِ به فخر جوڳي ڳالهه آهي. سارا گل ٻڌايو ته خاندان پاران ڪيئن نه هن تي سخت دٻاءُ وڌو ويو ته هوءَ پنهنجي ٽرانسجينڊر واري سڃاڻپ لڪائي رکي. ڊاڪٽر سارا چيو ته لڪائبو ان شيءِ کي آهي جيڪا غلط هجي يا گناهه هجي. پر اسان خواجا سرا يا ٽرانسجينڊرز به ته خدا جي تخليق آهيون، ته پوءِ ان کي ڪيئن ٿو لڪائي سگهجي؟

ڊاڪٽر سارا گل ٻڌايو ته خاندان ۾ امڙ کانسواءِ باقي ڪير به کيس قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هن چيو ته مان ۽ امان سڀني کان لڪي هڪ ٻئي سان ملندا هئاسين ۽ واپسيءَ تي امان پنهنجي گهر ۾ ۽ مان پنهنجي گهر ۾ روئندي هيس. ڊاڪٽر سارا کي سماج جي انهن سمورن ڌڪاري روين جو منهن ڏسڻو پيو، جيڪي ملڪ جا ٻيا خواجا سرا روزاني زندگي ۾ ڀوڳيندي نظر اچن ٿا

سارا گل ٻڌايو ته خواجا سرا ڪميونٽي هن جي وڏي مدد ڪئي ۽ هنن وٽ جيڪي ڪجهه هو، اهو سڀ ڪجهه هنن کيس آڇيو ۽ هوءَ سدائين پنهنجي ڪميونٽي جي ٿورائتي رهندي. ڊاڪٽر سارا گل چيو ته مان پنهنجي ڪميونٽي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿي، منهنجو ڊاڪٽر ٿيڻ سماج لاءِ اهو پيغام به آهي ته اسان خواجا سرا به اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهون ٿا جيڪي مرد يا عورتون ڪري سگهن ٿا. هي قافلو هاڻي رڪجڻ وارو ناهي. جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته خواجا سرا هئڻ ڪمزوري آهي مان انهن کي چوان ٿي ته خواجا سرا هئڻ وڏي طاقت آهي

ڊاڪٽر سارا گل چيو ته زندگي ۽ سماج ڏاڍا زخم ڏنا، ڌڪا ٿاٻا کاڌا، ٻين جيان مون کي به جنسي هراسمينٽ جو نشانو بڻايو ويو، پر اڄ جڏهن مان ڊاڪٽر بڻجي وئي آهيان ته اهو سڀ ڪجهه وسارڻ چاهيان ٿي، مان پنهنجي ڪميونٽي، سماج ۽ ملڪ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿي. ڊاڪٽر سارا گل چيو ته اسان کي ٿوري عزت ڏيو ۽ اسان تي ڀروسو ڪري ڏسو، اسان ملڪ تي پنهنجي جان به گهوري ڇڏينداسين. سارا گل چيو ته ملڪ ۾ سنڌ مون کي اهو واحد صوبو لڳو، جتي ماڻهو خواجا سرائن جو ٿورو گهڻو احترام ڪن ٿا

ڊاڪٽر سارا گل سنڌ سرڪار پاران سرڪاري نوڪرين ۾ خواجا سرائن لاءِ ڪوٽا رکڻ واري عمل جي به واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ٻين صوبن کي به سنڌ جهڙا قدم کڻڻ گهرجن. سارا گل چيو ته اسان به انسان آهيون ۽ خدا جي تخليق آهيون، ماڻهن کي خواجا سرائن يا ٽرانسجينڊرز جو احترام ڪرڻ گهرجي، ائين ڪرڻ سان هنن جي زندگي ڪجهه آسان ٿي ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن موقعا ڏنا وڃن ته اسان به ٻين ماڻهن جيان گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا