وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان جنگ بندي ختم ٿي وئي آهي، پنجن شهرن ۾ ريڊ الرٽ جاري ڪيل آهي

 لاهور ڌماڪي بابت خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته لاهور ڌماڪي ۾ ڪير ملوث هو، ان جي جاچ جاري آهي

شيخ رشيد چيو ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان جنگبندي ختم ٿي وئي آهي ۽ پنجن شهرن لاءِ ريڊ الرٽ جاري ڪيل آهي

ياد رهي ته لاهور جي علائقي لوهاري گيٽ وٽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 26 زخمي ٿي پيا هئا

پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 27 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ هڪ فوتي جو لاش آندو ويو، جنهن بعد اسپتال ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو

ڊاڪٽر ياسمين موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 26 ڄڻن ۾ 3 عورتون به شامل آهن، جن جي حالت بهتر آهي، جڏهن ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، انهن ماڻھن جون هڏيون ڀڳل آهن

ڊي سي لاهور موجب مارجي ويلن ۾ 9 ورهين جو ٻارڙو به شامل آهي، جنهن جي سڃاڻپ ڪراچي جو رهواسي ابصار جي نالي سان ٿي آهي، ڌماڪي ۾ ابصار جا والدين به زخمي ٿيا آهن

ھي بھ پڙھندا

لاهور ۾ لوهاري گيٽ ڀرسان ڌماڪو، هڪ ٻار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

عمران خان ۾ ڪو به بحران حل ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، لاهور ڌماڪي جي مذمت