ڪنهن جي ذاتي مفاد لاءِ نه، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم

0
170
چور، ڏوهاري ۽ لنڊن ڀڄي ويل

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪنهن جي ذاتي مفاد لاءِ نه پر عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي صدارت هيٺ راوي اربن ڊولپمينٽ اينڊ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ پراجيڪٽ بابت اجلاس ٿيو، جنهن دوران وزيراعظم چيو ته راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ پراجيڪٽ ملڪ لاءِ اهم آهن، اهي منصوبا لاهور ۾ تنگي۽ آلودگي کي گهٽائڻ لاءِ ضروري آهن

هن چيو ته حڪومت ذاتي مفادن لاءِ نه پر عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، منصوبن جا هدف وقت تي حاصل نه ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

وزيراعظم چيو ته 20 سالن ۾ ڪنهن به حڪومت تعميراتي منصوبن تي ڌيان نه ڏنو پر اسان جي حڪومت تاريخي تعميراتي منصوبا شروع ڪيا آهن

وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته پارڪس، گندگي جي روڪٿام، صاف توانائي ۽ عالمي معيار جا اهي منصوبا ماحول دوست بڻجندا، جڏهن ته پنجاب حڪومت انهن منصوبن خلاف التوا واري ڪيسن جي موثر پيروي ڪري