ڪراچي: سرجاني مان لاپتا ٿيل ٻارڙي جو لاش 8 ڏينهن بعد لاش ھٿ

0
122
ڪراچي: پوليس مقابلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سرجاني ٽائون مان 8 ڏينهن اڳ گم ٿيل 4 ورهين جي ٻارڙي جو لاش نالي مان هٿ آيو آهي

پوليس موجب سرجاني ٽائون جو رهواسي 4 ورهين جو حسبان احمد 12 جنوري جي رات 10:30 وڳي گهر ٻاهران گم ٿي ويو هو، جنهن تي وارثن پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ وارثن ٻارڙي جي ڳولا لاءِ هر ممڪن قدم کنيا، ٻار کي هر هنڌ ڳوليو ۽ سوشل ميڊيا تي به اطلاع ڏنو

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر جو لاش 8 ڏينهن کانپوءِ خميس جي صبح سرجاني ٽائون جي علائقي سيف المري ڳوٺ ويجهو نالي مان مليو، جيڪو پاڻي ۾ تري رهيو هو

ايڌي فائونڊيشن موجب لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ٻارڙي جي موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي

پوليس موجب لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد موت جو ڪارڻ معلوم ٿيندو، جڏهن ته ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي جسم تي تشدد جا نشان نه آهن