ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سج سوا نيزي تي لهي آيو، روڊ رستا ويران، دادو ۽ مٺي ۾ گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ موسميات کاتي موجب سکر، خيرپور، نوابشاهه  ۽ جيڪب آباد ۾ پارو46، حيدرآباد ۽ ڇور ۾ 45، لاڙڪاڻي ۾ 44، بدين ۾ 41 ۽ ڪراچي ۾ پد 36 ڊگري ريڪارڊ ڪيو ويو.