ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جي 294 سب انسپيڪٽرن کي 16هين گريڊ ۾ انسپيڪٽر طور ترقي، ان ڏس ۾ پوليس جي ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي جي اجلاس ۾ 414 سب انسپيڪٽرن جي ترقين تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ 247 سب انسپيڪٽرن کي انسپيڪٽر طور ترقي ڏني وئي، جڏهن ته 47آفيسرن کي مستقبل ۾ خالي ٿيندڙ آسامين (فيوچر پوسٽ) تي ترقي ڏني وئي، ترقيون ماڻيندڙ 107 آفيسرن جي ترقي نامڪمل دستاويز مڪمل ڪرڻ،  ٻين کاتن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ 7 آفيسرن جي ترقي 90 ڏينهن ۾ پوليس ۾ رپورٽ ڪرڻ سان مشروط ڪئي وئي