رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري لڳ مبينا پوليس مقابلو ، پوليس پاران هڪ ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ : تفصيل موجب رتوديرو ڀرسان لاشاري ٿاڻي جي حد واري علائقي بنگل ديرو _ ڳڙهي خدابخش ڀٽو لنڪ روڊ تي لاشاري ٿاڻي جي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٿيل مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ وسيم علي پٽ خدا بخش جوڻيجو ڳوٺ ڌامراه جي رهواسي طور ڪئي وئي آهي. پوليس فوتي جو لاش تعلقه اسپتال رتوديرو آندو ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او لاشاري ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهاري وٽان هڪ نائن ايم ايم جو پسٽل هٿ آيو آهي سندس مٿان ڪيترن ئي ٿاڻن تي ڏوهن جا ڪيس به داخل ٿيل آهن وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.