پريانٿا کي ڪنهن قينچي هنئي ۽ ڪنهن لاش ساڙيو، 7 مک جوابدارن جو بيار رڪارڊ

0
166
پريانٿا کي ڪنهن قينچي هنئي ۽ ڪنهن لاش ساڙيو، 7 مک جوابدارن جو بيار رڪارڊ

ڪراچي (م ڊ) پوليس پريانٿا ڪمارا جي قتل ڪيس ۾ ست مک جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي

پوليس موجب جوابدار عمران ۽ حمير پريانٿا کي قينچي جا وار ڪيا، جوابدار تيمور سرون هنيون، جڏهن ته جوابدار علي اصغر لاش کي باهه ڏني

پوليس موجب جوابدار شهريار ۽ بلال ٻاهرين دروازي کي ٽوڙي ماڻهن کي اندر گهرايو ۽ جوابدار عبدالصبور فيڪٽري جي ملازمن کي حملي لاءِ ورغلايو

پوليس موجب جوابدارن پڇا ڳاڇا دوران ڏوهه جو اعتراف ڪيو، جنهن بعد سندن جا بيان رڪارڊ ڪري جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته پريانٿا تي حملي ۾ استعمال ٿيل ٻئي قينچيون به هٿ ڪيون ويون آهن

واضح رهي ته گذريل سال 3 ڊسمبر تي سري لنڪا جي هڪ اسپورٽس گارمينٽ فيڪٽري جي غير مسلم مئنيجر پريانٿا ڪمارا تي فيڪٽري جي ملازمن پاران مذهبي پوسٽر هٽائڻ جي الزام ۾ حملو ڪري مارڻ کانپوءِ لاش کي باهه ڏئي ساڙيو ڇڏيو هو

ھي به پڙھندا

پريانٿا قتل ڪيس ۾ گرفتار 64 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو