حيدرآباد: عدالت جو دارالامان اماڻيل ناري جي شادي ڪرائي مڙس حوالي ڪرڻ جو حڪم

0
184
وڏي وزير جي ٻيڙي جو تيل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سيوهڻ جي عدالت دارالامان اماڻيل ناري جي شادي ڪرائي کيس مڙس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

جهانگارا باجارا جي رهواسي علي نواز رند پنهنجي وڪيل خير محمد بجير معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن جي ٻڌڻي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عمر سيال تي مشتمل ڊويزنل بئنچ چيمبر ۾ هلائي

وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ناري حاجاڻي رند جي والد پنهنجي حياتي ۾ سندس مڱڻو علي نواز رند سان ڪرايو هو، والد جي فوت ٿيڻ بعد هاڻي ماءُ رحمت رند ۽ ڀاءُ صدورو کيس ٻئي هنڌ وڪڻڻ پئي چاهيو، جنهن ڪري ناري 20 نومبر 2021ع تي گهران نڪري سيوهڻ ٿاڻي تي پهتي

وڪيل چيو ته سيوهڻ پوليس ناري کي بيان لاءِ جڊيشل مئجسٽريٽ سيوهڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتان کيس دارالامان موڪليو ويو هو

عدالتي حڪم تي دارالامان جي انچارج زبيده ٿهيم ناري حاجاڻي کي عدالت ۾ پيش ڪيو، ناري عدالت ۾ بيان ڏنو ته علي نواز مڱيندو آهي ان سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي، امڙ ڏانهن نه وينديس، اها شريف رند کان منهنجي سڱ جا 5 لک رپيا وٺي وڪرو ڪري ڇڏيندي

عدالت ناري جي بيان بعد دارالامان جي انتظاميه ۽ پوليس کي حڪم ڏنو ته ناري حاجاڻي جي علي نواز رند سان شادي ڪرائڻ بعد کيس مڙس سان گڏ اماڻيو وڃي