شادي لارج ۾ پوليس ڦٽن تي لُوڻ ٻُرڪي ڇڏيو، ٻارن سان ڏاڍائي جو جوابدار چرس ڪيس ۾ گرفتار

0
178
شادي لارج ۾ پوليس ڦٽن

شادي لارج: معصوم ٻارڙن سان ڏاڍائي ڪري انهن جون وڊيوز ريڪارڊ ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدار مينڌرو ميگهواڙ خلاف علائقي واسي سراپا احتجاج بڻيل هئا ۽ جوابدار جي گرفتاري جو مطالبو ڪري رهيا هئا. پوليس متاثرن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيندي جوابدار جي  ڏيڍ ڪلو چرس رکڻ جي الزام هيٺ گرفتاري ظاهر ڪئي آهي. ان کان اڳ کوسڪي پوليس ۽ مقامي وڏيرن هڪ جرڳو ڪري ٻارن سان ڏاڍائي جي جوابدار تي ڏنڊ وجهي کيس علائقي بدر ڪرڻ جي فتويٰ به ڏني هئي.

ٻارن جي وارثن ۽ شهرين اهڙي جرڳي خلاف به احتجاج ڪندي جوابدار جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو هو. پوليس پاران مينڌرو ميگهواڙ کي چرس جي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو ويو آهي. مظاهرين جو چوڻ آهي ته مينڌرو ميگهواڙ ۽ سندس گينگ جا ماڻهو معصوم ٻارن سان بدفعلي ڪري هنن کي بليڪ ميل ڪندا رهيا آهن. پوليس چرس ڪيس ۾ جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس خراب ڪري رهي آهي

ھي به پڙھندا

شادي لارج ۾ معصوم ٻارڙن سان زيادتي ڪري ويڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف