حڪومت ڪمزور طبقن کي رليف فراھم ڪري رھي آھي: وزيراعظم

0
214
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن

لاھور: وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي ھدايت ڪئي آھي تھ سمورن ادارن کي متحرڪ ڪري عوام کي رليف فراھم ڪرڻ لاءِ قدمن ۾ تيزي آندي وڃي

وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ملاقات ڪئي ۽ ھُن کي بلدياتي ادارن کي فعال ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني

عثمان بزدار وزيراعظم عمران خان کي عوامي رليف جي لاءِ پنجاب حڪومت جي قدمن کانسواءِ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي باري ۾ بھ آگاھ ڪيو، ان کانسواءِ عثمان بزدار مھانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن کان بھ وزيراعظم کي آگاھ ڪيو

عثمان بزدار جو چوڻ ھو تھ پنجاب ۾ عوام کي رليف  ڏيڻ تي ڌيان آھي، صوبي ۾ ترقياتي منصوبن جو سلسلو تيزي سان جاري آھي

 وزيراعظم جو چوڻ ھو تھ حڪومت ڪمزور طبقن کي رليف فراھم ڪري رھي آھي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن

ھي به پڙھندا

آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو ٽائيم فريم ڏئي نه ٿو سگهجي: ناڻي واري وزارت