واٽس ايپ تي ڪال ڪندڙن لاءِ سٺي خبر

0
394
واٽس ايپ تي ڪال

ناليواري بين الاقوامي ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ پنهنجي ڪالنگ تجربي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ نئين طريقي جو اعلان ڪيو آهي

واٽس ايپ ۽ فيس بوڪ جي سربراهه ول ڪيٿ ڪارٽ ٽويٽر جي ذريعي واهپيدارن کي واٽس ايپ ڪالنگ تجربي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ بابت آگاهه ڪندي هڪ وڊيو به جاري ڪيو آهي

واٽس ايپ پاران شيئر ڪيل وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪو به گروپ ميمبر هن نئين طريقي ذريعي ڪنهن به گروپ تي ٿيندڙ ڪال کي هاڻي پاڻمرادو ڪنهن به وقت جوائن ڪري سگهي ٿو. وڊيو ۾ اهو به ڏيکاريو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو واهپيدار گروپ ڪال ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو يا ان کي ڇڏڻ چاهي ٿو ته پنهنجي گروپ چيٽس سان آساني سان ائين ڪري سگهي ٿو

ھي به پڙھندا

واٽس ايپ جي اها سهولت جنهن بابت توهان کي خبر ئي ناهي!