شادي لارج ۾ معصوم ٻارڙن سان زيادتي ڪري ويڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف

0
232
معصوم ٻارڙن سان زيادتي ڪري

شادي لارج (ن پ ا) شادي لارج ۾ معصوم ٻارڙن سان زيادتي ڪري ويڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، درزي جوڪم ڪندڙ مينڌرو ميگھواڙ 10 کان 20سالن تائين معصوم ٻارڙن سان بدفعلي ڪري انهن جون ويڊيوز ٺاهي پيسا پڻ وٺندو ھو، ڳالهه ليڪ ٿيڻ کان پوءِ شادي لارج پوليس گذريل رات ڪارروائي ڪري جوابدار مينڌرو ميگھواڙ کي گرفتار ڪري ورتو

ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پوليس سياسي دٻاءُ ۽ جوابدار کان پيسا وٺي کيس ڇڏي ڏنو، هن وقت تائين مبينا زيادتي جو شڪار بڻيل ٻارڙا دانش آرائين ۽ دائود جانالا سامهون آيا آهن