سڪرنڊ ڀرسان پاڻي جي واري تي ويل پيرسن ڪهاڙين جا وار ڪري قتل

0
440

سڪرنڊ (رپورٽر) سڪرنڊ کان 15 ڪلوميٽر پري ماڙي جلباڻي پوليس جي حد ۾ ڳوٺ  فتح پور ۾ پاڻي جي واري تي ويل 55 ورهين جي پيرسن جمعو ولد دلدار رند کي نامعلوم ماڻھن ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو

 واقعي جو اطلاع ماڙي جلباڻي پوليس کي ڏيڻ باوجود پوليس اتي نه پهتي جنهن سبب لاش ڪافي دير واقعي واري واردات تي پيل رهيو، جنهن کانپوءِ اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻن جي مدد سان سڪرنڊ مان آيل همدرد فري ايمبولينس سروس وسيلي مڙھ کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ پهچايو ويو

مقتول پيرسن جي وارثن جو چوڻ آھي ته مقتول ريٽائر فوجي اهلڪار هو جڏهن ته اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهي، اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف ماڙي جلباڻي پوليس ڪافي دير بعد جاء واردات تي پهتي ۽ واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي

هي به پڙهندا

ڪنري ڀرسان چوري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري ويل پوليس تي حملو

کپري ۾ 2 ڏينهن اڳ گم ٿيل گهوٽ جو لاش هٿ، سنڍو گرفتار

ننڪانه واقعو: قتل ٿيل جوابدار اڳ به مقدس ورقن جي بي حرمتي جي الزام ۾ گرفتار ٿي چڪو: پوليس