ڪنري ڀرسان چوري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري ويل پوليس تي حملو

0
251

ڪنري (رپورٽر) ڪنري ڀرسان جنس جي دڪان تان چوري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ويل پوليس پارٽي تي جوابدارن لٺين، سروٽن ۽ لوھي بيلچن سان حملو ڪري ڏنو، اي ايس آءِ زخمي ٿي پيو، 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو

گذريل رات ڪنري پوليس پارٽي فريادي غلام نبي خاصخيلي جي جنس جي دڪان مان مرچ ۽ ٻيو سامان چوري ڪرڻ جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اي ايس آءِ سجاد اقبال جي اڳواڻي ۾ ٻسٽان جي ڪچي پٽڙيءَ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي

پوليس جي ڪاروائي دوران ڀٽي برادري هٿياربندن پوليس پارٽي تي حملو ڪري ڏنو، حملي ۾ لٺيون، سروٽا، لوھي بيلچا لڳڻ سبب اي ايس آءِ سجاد اقبال جٽ سخت زخمي ٿي پيو. زخمي اي ايس آئي کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدار پوليس تي حملي بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا

پوليس پارٽي تي حملي جو ڀٽي برادري جي 6 جوابدارن اصغر، زاھد، ابراھيم ۽۽ ٽن اڻڄاتل ماڻھن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ ڊيوٽي اٽڪاءُ، ارادي قتل، حملي، زخمي ڪرڻ جا قلم شامل ڪيا ويا

باخبر ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب پوليس پارٽي تي حملي دوران 5 اھلڪارن کي مارڪٽ ڪئي وئي پر پوليس ڪيس ۾ ھڪ اي ايس آءِ کي زخمي ڏيکاريو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس پارٽي جوابدارن جي گرفتاري لاءَ ڇاپا شروع ڪري ڏنا

فريادي غلام نبي خاصخيلي داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته پراڻي ڪنري ۾ منھنجي جنس تي دڪان جا ڄاڻايل جوابدارن تالا ٽوڙي لکين روپين جي ماليت جي مرچن جون 14 ٻوريون، پاڻي روٽر، گيس سلينڊر ۽ ٻيو سامان چورائي ويا هئا

هي به پڙهندا

کپري ۾ 2 ڏينهن اڳ گم ٿيل گهوٽ جو لاش هٿ، سنڍو گرفتار