کپري ۾ 2 ڏينهن اڳ گم ٿيل گهوٽ جو لاش هٿ، سنڍو گرفتار

0
291

کپرو (رپورٽر) کپرو ۾ ٻه ڏينهن اڳ گم ٿيل گهوٽ دولت ولد اتم جو رتوڪوٽ ويجهو توري جي فصل ۾ تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، نوجوان ٻه ڏينهن اڳ گم ٿي ويو جنهن بابت کاهي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، ڪيس داخل ڪيو ويو، هڪ ڄڻو گرفتار ٿي ويو

کاهي پوليس جو چوڻ آهي ته دولت  کي سندس سنڍو فتيو ڪولهي قتل ڪيو جيڪو کيس ڄڃ جي پويان آيو کيس فون ڪري گهران سڏي وٺي ويو هو، نوجوان گهوٽ دولت کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري لاش فصل ۾ اڇلايو ويو هو، مقتول جي سنڍو فتيو ڪوهي کي گرفتار ڪيو آهي

مقتول جي والد آتم  موجب نوجوان پٽ جي 4 ڏينهن اڳ ڪنري شهر مان شادي ڪرائي هئي، پرڻي تي پٽ جو سنڍو فتيو ڪولهي ناراض هو، سالي سان شادي تي دولت کي قتل ڪيو اٿئين، انصاف ڪيو وڃي

کپرو کاهي پوليس دولت جي والد جي فرياد تي فتيو ڪولهي ولد عيسرو ڪولهي تي ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو آهي

ٻئي پاسي ڀٽ شاھ ڀرسان نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، شهر ويجهو ڳوٺ ڪنب داڙو ۾ نوجوان جو لاش مليو ڀٽ شاھ نوجوان جو لاش وڻ ۾ ڦاھو ڏنل مليو

پوليس موجب  لاش جي سڃائپ 27 ورهين جي صوبو ولد جيرام ڪولھي جي نالي سان ٿي وئي  آهي، لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ ڀٽ شاھ صحت مرڪز منتقل ڪري ڇڏيو آهي

ايس ايڇ او ڀٽ شاهه جو چوڻ آهي ته نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون

هي به پڙهندا

جوهي ڀرسان نوجوان ناري مبينا طور اغوا، امڙ جو احتجاج