ننڪانه واقعو: قتل ٿيل جوابدار اڳ به مقدس ورقن جي بي حرمتي جي الزام ۾ گرفتار ٿي چڪو: پوليس

0
255
ننڪانه واقعو: قتل ٿيل ج

ننڪانه صاحب ۾ مڇريل ماڻهن پاران ٿاڻي تي حملو ڪري جوابدار کي مارڻ واري ڪيس ۾ پوليس جو موقف سامهون اچي ويو، آر پي او شيخوپوره بابر سرفراز چيو آهي ته  هجوم پاران قتل ڪيل جوابدار وارث اڳ به مقدس ورقن جي بي حرمتي جي الزام ۾ گرفتار ٿي چڪو هو

پوليس جو چوڻ آهي ته 2019 ۾ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪيو هو، جوابدار وارث 2022 ۾ جيل مان آزاد ٿي ٻاهر آيو هو، گذريل ڏينهن هن ٻيهر مقدس ورقن جي مبينا طور بي حرمتي ڪئي، محلي واسين هن کي تشدد جو نشانو بڻايو

جڏهن ته پوليس جوابدار کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو، مڇريل ماڻهو ڏاڪڻيون لڳائي ٿاڻي ۾ داخل ٿيا ۽ جوابدار کي ٻاهر ڪڍي ماري ڇڏيو،

هجوم پاران جوابدار کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي پر پوليس کين روڪي ورتو

وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي واقعي جي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

ننڪانه صاحب ۾ ٿاڻي تي حملو، توهين مذهب جي الزام ۾ گرفتار جوابدار قتل