سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ لاڪ ڊائون ۽ ڪورونا ايس او پيز پوليس لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻيل، لاڪ ڊائون ۽ ايس او پي کي سکر پوليس ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، مصروف ترين بازارون، شاهي بازار، صرافا بازار، مشن روڊ بند رهيون، جڏهن ته پوليس لاڪڊائون تي عمل نه ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪجهه دوڪاندارن کي تحويل ۾ پڻ ورتو۔ شهر جي گھنٽا گھر، شاهي بازار، غريب آباد، بئراج روڊ، مينارا روڊ، ڪوئنس روڊ، نئون پنڊ، نئون ڳوٺ، شڪارپور ڦاٽڪ، مليٽري روڊ، گرم گودي، ڀٽا روڊ، تير چوڪ، بندر روڊ، دعا چوڪ، سميت اڪثر هنڌن تي ڪاروبار کليل رهيو، پوليس شام جو مبينا ڏيتي ليتي وارن دوڪاندارن، هوٽل مالڪن کان سواءِ باقي سمورو ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏي ٿي، پر ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر توڙي ضلعي انتظاميا سان لاڳاپيل ڪو به عملدار ڪورونا ايس او پيز تي عملدار آمد لاءِ سرگرم نظر نه پيو اچي۔ ڄاڻايل عملدار آفيسن ۾ ويهي پڌرايون جاري ڪرڻ ۾ مصروف آهن.