دادو (رپورٽر) دادو شهر جي لطيف آباد ڪالوني مان موٽر سائيڪل آٽوز جي مالڪ الهورايو جمالي جي گهر مان نامعلوم چور گهر جا تالا ٽوڙي ھڪ ڪروڙ 90 لک روپين جي چوري ڪري فرار ٿي ويا، واقعي خلاف آٽوز مالڪ الهورايو جمالي جي اڳواڻي ۾ رهواسين ۽ آٽوز مالڪن جوهي موڙ وٽ انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪري 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، سخت نعري بازي، جڏهن ته ڌرڻي سبب گاڏين جو قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي آٽوز مالڪ الهورايو جمالي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ اصغر جمالي وفات ڪري ويو، گهر ڀاتين سميت ڦلجي وليج ڀرسان ڳوٺ احمد جمالي وياسين، 3 ڏينهن بعد تڏو کڻي واپس گهر آياسين ته ڪمرن، الماڙين جا تالا، لاڪر ٽٽل هئا ، ڏيڍ ڪروڙ روپين جا زيور ، 30 لک روڪ ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو ويو آهي، هن چيو ته گهر مان هڪ ڪروڙ 90 لک جي چوري ٿيل آهي پر پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، واپارين چيو ته شهر ۾ چوريون ۽ ڦرون معمول بڻيل آهن، پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي. جڏهن ته احتجاج دوران ايس ايڇ او ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ منهن ماري ۽ جهڙپون پڻ ٿيون، جنهن بعد ڊي ايس پي عبدالخالق وڳڻ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.