مبارڪپور/نئون ديرو (نمائندن وٽان) مبارڪپور ۽ نئون ديرو ۾ ارڙي وگهي 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ٻارڙن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. خبر موجب مبارڪپور ۾ هڪ سال جي معصوم ٻارڙي ايمان ڌيءَ سلمان ڀٽو ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، جنهن بعد ڏيڍ مهيني اندر ارڙي وگهي فوت ٿيل معصوم ٻارڙن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، هوڏانهن علائقي واسين موجب ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن نئون ديرو شهر جي درگاهه چوڏهل شاهه محلي جي رهواسي عبداللطيف ميراڻي جو ٻن ورهين جو پٽ نعمان ارڙي وگهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته اڍائي ورهين جو شايان، ماهه نور، جنيد، حسيب، جويريا ۽ فائزه ميراڻي سميت ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.