سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيل جي سڃاڻپ ٿي وئي، پوليس موجب سکر جي علائقي ٿاڻي تماچاڻي جي حد ۾ باگڙجي جي ويجهو لنڪ روڊ تي کيرٿر جي علائقي ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيل جي سڃاڻپ ڀورو جتوئي طور آهي، پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۽ وارداتن ۾ گهربل هو، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري ڌاڙن، چورين ڦرلٽ پوليس مقابلن ۽ ٻين ڏوهن ۾ سکر سوڌو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گهربل هو، هن جو ڪرمنل رڪارڊ ۽ تفصيل ٻين ضلعن کان ورتو پيو وڃي..