گمبٽ (ن پ ا) جادو واهڻ ڀر سان ڄامڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ گھرو معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فقير محمد ڄامڙو، عورت مسمات سهڻي احتجاج ڪندي چيو ته جادو واهڻ کان ڳوٺ وڃي رهيو هيس ته جوابدارن سلطان احمد، اعجاز ڄامڙو، من ۽ هدايت الله ڄامڙو حملو ڪري سخت تشدد ڪيو، سوڀوديرو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري، هوڏانهن ٻئي ڌر جي زخمي اعجاز ڄامڙو ٻڌايو ته نياڻي سان مائٽن ڏانهن وڃي رهيو هيس ته فقير محمد ڄامڙو لٺين جو وسڪارو لاهي ڏنو.