لاڙڪاڻي ۾ بدامني جي باهه، شهري پيسن ۽ موبائل فونز کان محروم

0
221

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي ڪيترائي شهري پيسن ۽ موبائل فونز کان محروم ٿي ويا، پوليس اگهور ننڊ ستل آهي، رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ 6 نامعلوم ھٿياربند ڦوروايندڙ ويندڙ شھرين کان ڦرلٽ ڪئي، شھري فھد ڪلھوڙي کان موبائل فون، 14ھزار روڪ رقم ۽ احمد بخش شيخ کان به موبائل فون ۽ 15 ھزار، رحيم بخش کان 10ھزار ۽ موبائل فون ڦر ڪئي ۽ ساڳي وقت ان ئي روڊ تان گذرندڙ راحب شيخ کان به 20ھزار ۽ موبايل ڦري وئي،۽ شھري صالح کان 15 سئو ۽ ٻيو سامان پڻ ڦر ڪيو ويو، حد جي پوليس کي اطلاع باوجود نه پھتي ته ڦورو به بنا ڌڙڪ آساني سان هليا ويا، متاثرن جو وڻ آهي ته دڪاندار آھيون، سبزي سميت ٻيو سامان شھر طرف وٺڻ وڃون پيا، ھٿياربند ڦورن ڦر ڪئي، کين گرفتار ڪري ڦرڪيل رقم ۽ سامان واپس ڪرايو وڃي.