سکر : عدالت خورشيد شاھ جي ضمانت واري درخواست چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ کي اماڻي ڇڏي

0
341
خورشيد شاهه پاران ضمانت

سکر (ن پ ا) پ پ اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس وارو معاملي تي خورشيد شاهه پاران ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ داخل ڪرايل درخواست جي مختصر ٻڌڻي ٿي، جنهن بعد عدالت خورشيد شاھ جي ضمانت واري درخواست چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ کي اماڻي ڇڏي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ بينچ تشڪيل ڏئي سگھي ٿي، چيف جسٽس آرڊر ڪندو ته درخواست تي سکر بينچ ٻڌڻي ڪندي يا نه، خورشيد شاهه جي وڪيل چيو ته چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي بينچ ۾ ٻڌڻي جو آرڊر جاري ڪري سگھي ٿو، سپريم ڪورٽ درخواست واپس وٺڻ بعد خورشيد شاھ سنڌ ھاء ڪورٽ سکر بئنچ ۾ درخواست ڏني ھئي.