اشو آف دي ڊي صنعان قريشي جي گرفتاري ظاهر: سوشل ميڊيا تي خوشي، قوم کي ڏوراپن بابت بحث

    0
    277

    ` جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي جي آزادي لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي جڏهن ته کيس ظاهر ڪرڻ تي خوشي جو اظهار پڻ ڪيو ويو، ان کانسواءِ صنعان قريشي پاران قوم کي ڏوراپو ڏيڻ واري بيان تي به بحث جاري رهيو ، ان سلسلي ۾ ظفر هڪڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جسقم چيئرمين صنعان قريشي کي ملير جي ڪينٽ پوليس اي ٽي سي ۾ ظاھر ڪري ڇڏيو، جنهن تي هڪڙو اقبال لکيو ته سڀني کي مبارڪون هجن، مقصود چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صنعان خان جا حوصلا هماليه جيان بلند، ڪوثين خان جي بڪتر بند گاڏي ۾ ملاقات ڪرائي وئي، جميل گاد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته قومي ڪارڪنن جي جدوجھد جي نتيجي ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي کي ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته صنعان خان جي منھن تي ڪابه مايوسي نه بلڪه مسڪراهٽ آھي، جنهن تي محمد يونس ابڙو لکيو ته صنعان قريشي ميار ڏيندي چيو ته سنڌي قوم الائي ڇو چپ آهي، مير مرتضيٰ چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عدالت ۾ پيش ٿيڻ وقت جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي چھري تي مسڪراھٽ ڏسي سنڌ کي مرڪندي ڏسان پيو،بهرام خان لکيو ته صنعان قريشي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، عابد لاشاري لکيو ته صنعان قريشي مرڪندي ورڪرن سان ملندو رهيو، وقار شر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صنعان قريشي عدالت ۾ پيشي دوران چيو ته جڏهن مان گرفتار ٿيل آهيان ته پوءِ منهنجي گهر تي ڇاپي جي ڪهڙي ضرورت هئي، دهشتگرد ته ناهيان جو اهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي. جنهن تي ظفر بلوچ ۽ علي خان شر ڇاپن جي مذمت ڪئي. علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جسقم جي پوري قيادت سوڌو 20 کان وڌيڪ ڪارڪن ڪراچي گلشن حديد مان گرفتار ڪيا ويا آهن، جنهن تي بدر بلوچ لکيو ته افسوس آهي، آڪاش ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شهيد بشير قريشي جي گهر تي ڇاپو هڻي امجد مهيسر سوڌو 50 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن، جنهن تي بابو خاصخيلي، ايم اڪرم ملاح لکيو ته افسوس آهي پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، امداد السنڌي، ڪامران احمد سومرو، ظهير ملاح، نواز علي، عبدالرحمان حيدري، وزير اوڍو، لالا مهيش سنڌي، ايم ياسين ميمڻ، عامر نوناري، مير بابر شاهاڻي، واحد چانگ ۽ ٻين اهڙين گرفتارين جي مذمت ڪئي. آڪاش ملاح صنعان قريشي جي ڪورٽ ۾ پيشي واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ مرڪي پئي، جنهن تي مجاهد علي برفت، محرم دل ۽ نواز علي لکيو ته صنعان قريشي ڏوراپو ڏيندي چيو آهي ته سنڌي قوم ڪو نه ملهايو، عبدالحفيظ بوزدار لکيو ته ڪارڪنن پاڻ ملهايو هي ڏوراپو انهن لاءِ آهي جڏهن شهيد بشير قريشي گرفتار ٿيو هو ته سڄي سنڌ 5-10 منٽن ۾ بند ٿي وئي هئي اها سنڌ وساري ويٺي ته صنعان به ان جو پٽ آهي، جڏهن ٻيا اڳواڻ ڌرڻي وٽان هليا ويا ته سوين ڪارڪنن ۽ نياڻين جي آزادي لاءِ صنعان اتي موجود هو. قوسين احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پڇون آخر ڪنهن کان پڇون، اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ جسقم چيئرمين جي گهرتي رينجرز ۽ پوليس هڪ دفعو ٻيهر چڙهائي ڪندي جسقم، جساف جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ مهمانن توڙي منهنجي ننڍي ڀاءُ جي ايم قريشي کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي، مزاحمت ڪري ننڍي ڀاءُ جي ايم قريشي کي ڇڏرايو آهي، مان سنڌي قوم کي اپيل ڪريان ٿو ته ڇا منهنجي شهيد بابا جي ٿيل جدوجهد، اُن جي سنڌي قوم کي ڏنل محبت، وڏي قرباني ڏيڻ وسري وئي آهي جو اڄ اسان ايئن مظلومن ننڌڻڪن وانگر آهيون، اڄ اُن جا معصوم ٻچڙا پنهنجي گهر ۾ محفوظ نه آهن، منهنجي وڏي ڀاءُ صنعان کي 3 ڏينهن تائين لاپتا ڪيو ويو، ڇا هر وقت قريشي خاندان آزمائش ۽ امتهانن مان گذرندو، قوم کي اپيل آهي ته سگهارو آواز اٿاريو وڃي، بابا بشير قريشي سنڌي قوم سان ملهايو ، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته قوم اسانجو ساٿ ڏئي پنهجو پاڻ ملهائي، جنهن تي جاويد ملاح لکيو ته عاشق ڪڏهن معشوق کي ميار ناهي ڏيندو، مڃون ٿا قريشي خاندان تي تڪليفون آيل آهن پر ڪير صنعان کي سمجهائي ته بنا ڪنهن ليڊر جي سڏ جي سنڌي قوم ٽن ڏينهن کان ستي ناهي توهان سوشل ميڊيا ڏسو سنڌي قوم هر سيڪنڊ ۾ ڪروڙين ڀيرا اوهان لاءِ آواز اٿاريو آهي، ميار مناسب ناهي. انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪي قوم جا عاشق ھوندا آھن اھي ميارون ناھن ڏيندا، توهان لاءِ سنڌ جيڏو پيار آھي.