سوال/سروي وفاق سنڌ کي سدائين ترقياتي منصوبن ۾ نظرانداز ڪيو آهي، سنڌ سرڪار وري ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن: عوام جي راءِ ورهايل

0
262

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ترقياتي منصوبن تي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت آمهون سامهون، وزيراعليٰ سنڌ مراد شاهه چيو آهي ته وفاق ترقياتي رٿائن ۾ جائز حصو نٿو ڏئي، 2 پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني نه ٺاهيو، مزاحمت ڪنداسين، جنهن تي جواب ڏيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ترقياتي منصوبن جو فيصلو وفاق ئي ڪندو، سنڌ سرڪار نه پر سنڌ جي عوام تي پئسو لڳائينداسين، ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته وفاق سدائين سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، ترقياتي فنڊ سنڌ کي گهٽ مليا آهن، ڪجهه ماڻهن وري چيو ته سنڌ حڪومت وري ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، وڃي روڊ رستا تباھه لڳا پيا آھن،اسڪول اسپتال زبون لڳيون پيون آھن، عوام مطالبو ڪيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي پاڻ ۾ وڙهڻ لاءِ غريب عوام لاءِ سوچڻ گهرجي، عوام تي خرچ ڪرڻ گهرجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن لکيو ته مراد علي شاهه صحيح پيو چوي، سنڌ کي جائز حصو نٿو ملي، خادم گهراڻو لکيو ته وفاق هميشه سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، ترقياتي ڪمن ۾ فنڊ سدائين سنڌ کي گهٽ مليا آهن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي تاريخ جي هر ڪنهن کي خبر آهي، عبدالرزاق چانڊيو لکيو ته وفاق پاران ترقياتي ڪمن جي حوالي سان فنڊ به نٿو ڏنو وڃي جنھن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ سنڌ کي پنھنجو پورو حق ڏنو وڃي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته سنڌ سرڪار کي جيڪو ملندو اهو پاڻ کائي ويندا، علي نواز کوسو لکيو ته اسان وفاقي حڪومت سان گڏ آهيون، اسد انڍڙ لکيو ته هن وقت سکر سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گئس بجلي سميت مختلف ڪم وفاق ڪرائي پيو سنڌ سرڪار چوي پئي پئسا اسان کي ڏيو، نعمت الله نهڙي لکيو ته پاڻ ڪم ڪن ڪونه جيڪو ڪم ڪري ٿو انه کي روڪين ٿا اهو ڪم سنڌ حڪومت جو، علي مراد جوکيو لکيو ته سنڌ کي جيڪو ڪجھه ملي ٿو اهو به خرچ ڪونه ٿو ڪيو وڃي روڊ رستا تباھه لڳا پيا آھن،اسڪول اسپتال زبون لڳيون پيون آھن، آفتاب لغاري لکيو ته ٻئي پاڻ ۾ وڙهڻ بدران عوام جي دردن جو درمان ڪن سياست ڪرڻ بدران عوام تي خرچ ڪريو، هزار خان لکيو ته سياست چمڪائڻ لاءِ اهڙا بيان ڏئي رهيا آهن، عبدالعليم کوکر لکيو ته سڀني کي خبر آھي سنڌ سرڪار ترقياتي پئسو ڪيڏانهن ڪندي آھي اگر ڪو منصوبو پورو ڪندا ته بلڪل ناقص هوندو، اڄ پيئڻ لاءِ پاڻي نٿو ملي، نماڻو نوناري لکيو ته وفاق هميشه سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته سنڌ کـي جيڪو ڪجھه ملي ٿو اھو به خرچ ڪونه ٿو ڪيو وڃي روڊ رستا تباھ لڳا پيا آھن، وڏيرا سڀ مال کائي ٿا وڃن، بشير ميراڻي لکيو ته وفاق توڙي سنڌ حڪومت ٻئي سنڌ کي مال غنيمت سمجهي لٽي رهيا آهن، جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪجهه نه پئي ڏئي ته سنڌ حڪومت وري ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، شاهزين لکيو ته وزيراعليٰ پهريان بحريا ٽائون منصوبو ته بند ڪري، امام بخش سنڌي لکيو ته پيپلز پارٽي وارن کي مال کپي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ٿين يا نه پر انهن جو کيسو گرم ٿئي ھي نه چاھيندا ته سنڌي ماڻهن کي ڪا سھولت ملي، عبدالهادي لکيو ته 6 جون واري واقعي کانپوءِ ثابت ٿيو ته هي نه سنڌ سان سچا آھن نه ئي سنڌين سان، نادر علي سيال لکيو ته بدين ضلعي کي وفاق کان مليل پروجيڪٽس برداشٽ نه پيا ٿين، ايڊووڪيٽ اڪبر ٽنگڙي لکيو ته ســنڌ حڪومت سنڌ جي بجٽ تي هميشه جيان ڌاڙو ھڻندي اچي ٿي انهيَ کان بھتر آھي ته وفاق مان عوام سڌو فائدو وٺي وفاق به عوام کي پيو ڏي ته سنڌ سرڪار کي ان جي تڪليف ڇو ٿي پئي آهي، مظفر بوزدار لکيو ته وفاق هجي يا سنڌ حڪومت هڪ ٻئي تي الزام تراشي کانسواءِ هن وقت تائين ڪيو ڇا اٿن عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، خليل ابراهيم لکيو ته سنڌ ۽ وفاق جي روايتي تڪرار جي ڪري غريب عوام ڀوڳي ٿو، اعجاز بجير لکيو ته سنڌ کي ھميشه وفاق نظرانداز ڪيو آھي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سنڌ حڪومت کي حصو پتي کپي ڪم ٿين يا نه ٿين، جنيد جعفري لکيو ته پي پي ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، شبير شر لکيو ته وفاق جي پاليسي سنڌ لاءِ اڳ ۾ به سٺي نه رهي آهي، شڪرالدين گجو لکيو ته ھي نه چاھيندا ته سنڌي ماڻهن کي ڪا سھولت ملي، نعيم شر لکيو ته پيپلز پارٽي وارن تباهي مچائي ڇڏي آهي، آدم پتافي لکيو ته گذريل 13 ورهين کان سنڌ جا فنڊز اڏوھي وانگر کاڌا ويا آهن.