سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ قائم ڪيل نگران ڪميٽيز جي سربراهيءَ تان ججز کي هٽائي ڇڏيو

0
261
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ قائم ڪيل نگران ڪميٽيز جي سربراهيءَ تان ججز کي هٽائي ڇڏيو آهي، نگران ڪميٽين خلاف سنڌ سرڪار جي درخواستن تي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته نگران شهري ڪميٽين جي سربراهيءَ تان ججز کي هٽايو ويو آهي، عدالت پاران ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ جوڙيل ڪميٽين ۾ عورتن کي به شامل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي

New Report Links Pakistan Flooding to Climate Change

 سپريم ڪورٽ شهري ڪميٽين کي رليف آپريشنز ۾ هدايتون ڏيڻ ۽ انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سرڪار جي درخواست رد ڪندي ججز کي نگران ڪميٽيز جو سربراهه مقرر ڪيو هو،

سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جون سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواستون جزوي طور منظور ڪندي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

ٻوڏ سبب خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿيا: بلاول جي وضاحت