شهيد فاضل عوامي اڳواڻ

0
165
شهيد فاضل عوامي اڳواڻ

 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگره  ۽ شهيد فاضل راھو جي 17 ورسي آھي ٻنهي اڳواڻن جي  جدوجھد اڻ وسرندڙ آھي.

                 سنڌ جي تاريخ ته نظر وجھنداسين ته  اھڙن سورمن، سرواڻن ۽جوڌن سان ڀري پئي آھي پر ھر ماڻھو پنھنجو مٽ پاڻ ۽ املھه موتي داڻو ھوندو آھي. سنڌ جي تاريخ جا ٻه اھڙا املهھ موتي عوام جي دلين م اڄ به زنده آھن جن مان هڪ جي اڄ سالگره آهي ته ٻئي جي ورسي آهي.سائين جي ايم سيد اڄ جي ڏينهن 17 جنوري تي  جنم ورتو ته  فاضل راهو کي  17 جنوري تي شھيد ڪيو ويو. ھڪ سن جي ڀومي جو ڄائو آھي ته وري ٻيو راھوڪي جو راڻو ۽ سنڌ جي مظلوم ھارين جي آواز راھوڪي جي ڳوھيل مٽي جي پيدائش آھي، جنھن سنڌ جي لاءِ انقلابي جدوجھد ڪئي ۽ آمر ضياءُالحق سان مھاڏو اٽڪايو ۽ جيل جي ڪارن ڪوٽن کي منھن ڏنو پر سنڌ جي مزدور ،ھارين ، عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن ۽ سنڌ جي حقن لاءِ وڙھيو.

                 ڪي ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا جيڪي سنڌو جي سونھن ۽ سنڌ جو آواز ھوندا آهن، سنڌ جو ساھه منجهن سمايل ھوندو آھي جيڪي ڇانيل اونداھي ۾ ستارو ٿي ڪري اڀرندا آھن ۽ اھي ھمشه ڌرتي تي ھر رات ستاري جيان  چمڪندا آھن.  اڄ به سندن عاشق ۽ سندن فڪر جا ساٿاري انهن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سن ۽ راھوڪي   پھچن ٿا.

فاضل راھو جو ساٿاري سچو اڳواڻ رسول بخش پليجو به جيل ۽ سياسي سفر گڏ شروع ڪيو پر فاضل راھو ڪير سڏائي جيڪو ڳالھائيندو ته گھٽ ھو پر سڄو ڏينھن ۽ رات سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾سياسي ڪم ڪندو رهندو هو  نه ڏسندو ھو رات نه ڏينهن بس نڪري پوندو ھو ۽ جلسا جلوس ڪري  سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو. سندس فڪر سندس سوچ نظريو صرف سنڌي عوام جي لاءِ هوندو هو.  سنڌ جي حقن لاءِ ئي  جدوجھد چٽو ۽ واضع نظريو ھو. ان ۾ ڪو شڪ نه آھي ته فاضل ھڪ موتي داڻو ۽ نه وڪامڻ وارو  ھو ۽  سنڌ جو سچو سپوت انقلابي اڳواڻ ھو .

آمرڻو ھر ڪنھن ماڻھو کي پر ايئن نه مرنداسين   ساٿي

ڪا آڳ لڳائي وينداسين ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين .

فاضل راھو جذباتي نه ھو. فاضل راھو ھڪ بھترين ڪارڪن سان گڏ ھڪ بھترين نظرياتي پيرين پنڌ انقلابي اڳواڻ ھو جنهن عملي طور عوامي تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو۽ سنڌ جي ھر ننڍي کان ننڍي مسئلي کان ويندي ڪالاباغ ڊيم خلاف، جمھوريت جي بحالي لاءِ ۽  سنڌ جي حقن لاءِ جنگ وڙھيو. عوامي تحريڪ لاءِ خود ڀٽي صاحب چيو ته سنڌ ۾ جيڪڏھن  پ پ کانپوءِ ٻي پارٽي آھي ته اھا عوامي تحريڪ آھي جنھن ۾ عورتون ۽ ٻارڙن کي به سنڌ جي حقن متعلق ڄاڻ ڏني وڃي ٿي،  جنھن ۾ سنڌياڻي تحريڪ سان گڏ سجاڳ ٻار تحريڪ به آھي. فاضل راھو مڪمل حقيقي نظرياتي ۽ سنڌ جو انقلابي اڳواڻ ھو.

سرھا ماڻھو مشڪ کٿوري ماڻڪ موتي ھوندا آھن

سرھا ماڻھو پيءُ جي پڳ ۽ ماءُ جي پوتي ھوندا آھن

شھيد عوام محمد فاضل راھو سنڌ جو اھو اڻٿڪ ۽ عملي  آواز ھو جنھن سنڌ جي مزدور،ھاري پورھيت نوجوانن ،ٻارڙن ۽ عورتن کي منظم ڪيو. جنھن عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان جدوجھد شروع ڪئي.  شھيد فاضل راهو جو  تعلق بدين تعلقي گولاڙچي سان آهي ۽ سندس ڳوٺ راھوڪي آھي. پاڻ  بدين جي ماڻھن سان ڪورٽن، ڪارڊ ٺھرائي ڏيڻ، زمينين کي بااثرن کان ڇڏائي ڏيارڻجي جدوجهد ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو.  ايم آر ڊي ۾ جلسن جلوسن تي پابندي ھئي پر اھو فاضل ھو جنھن آمر جي دور ۾ ڏھه ھزار کان مٿي ماڻهو گڏ ڪري جمھوريت خاطر جلسو ڪيو. ان وقت جڏھن چار ماڻھو گڏ ويھي نه سگھندا ھئا جيڪڏھن ويٺا ته انھن کي فوج کڻي ڪوڙا ھڻندي ھئي. پر فاضل انھن جي سختين ۽ڪوڙن کان نه ڊنو، فاضل راھو ھڪ عوامي سياستدان ھو جيڪو سنڌ جي پاڻي خاطر وڙھيو. سنڌي ماڻھن کي سجاڳ ڪيو غريبن جي مدد ڪندو ھو. پاڻ وٽ ھڪ گاڏي ھوندي ھيس جڏھن به گھر کان نڪرندو ھو ته جيڪو به رستي ۾ ھٿ ڏيندو ھيس ته ان سان لھي ملندو ھو ۽ گاڏي تي کڻندو ھو، ڀلي گاڏي ۾ جڳھه ھجيس يا نه پر سنڌي ماڻھن جو سھارو ھو جنھن بدين ۾ زمينن تان قبضا ختم ڪرايا. غريبن ۾ زمينيون ورھاريون.   اھڙا اڳواڻ  صدين ۾ ڪي ورلي پيدا ٿيندا آھن ۽ اهڙي عوامي قبوليت ڪنهن ڪنهن کي ملندي آهي.سنڌ کي هن وقت  شھيد فاضل جھڙن جوڌن جي ضرورت آھي.  اھڙن نظرياتي،   عملي عوامي  جمھوري اڳواڻن  جي  ضرورت آھي.

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،

گهايل ڌري جي سيني تي اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا

جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي

 جا دنيا کي بدلائي ٿي

سنڌ کي هن وقت بدلائڻ لاءِ اهڙن اڳواڻن جي ضرورت آهي جيڪي پنهنجو هر پل هر صلاحيت سنڌ لاءِ قربان ڪن ۽ سنڌ جي تقدير بدلائين.

[email protected]