نئون ديرو: شهر جي پوسٽ آفيس پاڙي مان ڊاڪٽر سليم الله شيخ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي واري واقعي جي اطلاع بعد اي ايس پي سٽي عتيق الرحمان قريشي  نئون ديرو پهچي جاءِ واردات جو معائنو ڪيو ۽ ڏوهارين جي جديد طريقي سان ڳولا ڪرڻ لاءِ لوڪيٽر سسٽم ۽ جيئوفينسنگ ذريعي جاچ ڪرڻ سان گڏ پيري ڪتي جي مدد سان ڏوهارين جا پيرا پڻ کنيا جيڪي شهر ٻاهران زيتونن جي پراڻي باغ وٽان پيرا وڃائي واپس موٽي آيا. اي ايس پي سٽي لاڙڪاڻو متاثر ڊاڪٽر سليم الله شيخ ۽ ٻين کي ٿيل ڏوهه جلد واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.