ٻوڏ سبب خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿيا: بلاول جي وضاحت

0
109
ٻوڏ ۾ امريڪا ۽ چين اسان

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪڏهن صوبن ۾ اٽي جو بحران آهي ته اُن جا ذميوار صوبا ئي آهن

ان حوالي سان جڏهن بلاول کان سوال ڪيو ويو ته اٽي جو بحران ڇو آهي ته اُن جواب ڏنو ته ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال سبب خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿيا

بلاول چيو ته عالمي برادري پاڪستان ۾ 9 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان جي اڪيلو ٿيڻ وارو تاثر هميشه لاءِ دفن ٿي ويو

بلاول چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ اسان پنهنجو هدف حاصل ڪري ورتو، وزيراعظم شهباز شريف ڊونرز ڪانفرنس دوران هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا

هن چيو ته وزيراعظم جي پرڏيهي پاليسي ڪامياب ٿي، ٻوڏ متاثرن لاءِ گهربل رقم گڏ ٿي چڪي آهي، هاڻي اسان کي اها امداد متاثرين تائين پهچائڻ کي يقيني بڻائڻو آهي