پنجاب ۽ ڪي پي اليڪشن ملتوي ٿيڻ بابت ڪيس: سُپريم ڪورٽ ۾ مهربند رپورٽ جمع

0
187

سُپريم ڪورٽ پاران چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف درخواستن تي محفوظ فيصلو اڄ جاري ڪيو ويندو، فيصلو جاري ٿيڻ کان اڳ بچاءَ واري وزارت سُپريم ڪورٽ ۾ مهربند رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

سُپريم ڪورٽ پاران چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف درخواستن تي محفوظ فيصلو اڄ جاري ڪيو ويندو، فيصلو جاري ٿيڻ کان اڳ بچاءَ واري وزارت سُپريم ڪورٽ ۾ مهربند رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

 چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ پي درخواست تي ٻڌڻين بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو، پي ٽي آءِ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي آرڊر کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، ڪيس تي پهرين ٻڌڻي 5 رُڪني بئنچ ڪئي هئي

 جسٽس امين الدين چوٿين ۽ جسٽس جمال مندوخيل پنجين ٻڌڻي تي ٻڌڻي کان معذرت ڪئي

 چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ 2 ٻڌڻيون ڪيون، بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر شامل هئا، سُپريم ڪورٽ ڪيس تي ٻڌڻي لاءِ فُل ڪورٽ جوڙڻ واري حڪمران اتحاد جي استدعا رد ڪئي هئي

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ اليڪشن ملتوي ڪرڻ واري ڪيس ۾ حڪمران اتحاد جي وڪيلن کي ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو