آمريڪي ماڊل جي جي حديد پاران ورون ڌون جي حق ۾ بيان

0
251
آمريڪي ماڊل جي جي حديد پاران ورون ڌون جي حق ۾ بيان
آمريڪي ماڊل جي جي حديد پاران ورون ڌون جي حق ۾ بيان

ممبئي(شوبز نيوز) عالمي شهريت يافتا آمريڪي ماڊل جي جي حديد ڀارتي اداڪار ورون ڌون جي حق ۾ بيان ڏنو آهي. ويجهڙ ۾ سوشل ميڊيا تي جي جي حديد ۽ ڀارتي اداڪار ورون ڌون جي هڪ ڊانس پرفارمنس جي وڊيو وائرل ٿي هئي

ان وڊيو ۾ ورون ڌون ويجهڙ ۾ نيتا مڪيش امباني ڪلچرل سينٽر ۾ منعقد تقريب دوران آمريڪي ماڊل سان گڏ رقص ڪندي نظر آيو جنهن ۾ هن پرفارمنس دوران جي جي کي هنج ۾ کنيو، سوشل ميڊيا واهپيدارن ان تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ورون ڌون کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ورون کي ماڊل کي کڻڻ کان اڳ هن کان اجازت وٺڻ گهرجي ها

پر جي جي حديد سوش ميڊيا تي ورون ڌون جي حق ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته اهو سڀ منهنجي مرضيءَ موجب ٿيو ۽ مان خوش آهيان ڇوته اهو منهنجي بالي ووڊ انداز ۾ اسٽيج تي انٽري ڏيڻ جو خواب هو جيڪو ورون ڌون پورو ڪيو آهي

وائرل وڊيو ۾ اهو به ڏسي سگهجي ٿو ته جي جي حديد سنهري ۽ اڇي رنگ جي ساڙي به پهري رکي هئي جيڪا پرفارمنس جي ٿيم جو حصو به آهي