سپريم ڪورٽ اليڪشن ملتوي ڪرڻ واري ڪيس ۾ حڪمران اتحاد جي وڪيلن کي ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

0
243

سپريم ڪورٽ اليڪشن ملتوي ڪرڻ واري ڪيس ۾ حڪمران اتحاد جي وڪيلن کي ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي شروع ڪئي ته پيپلزپارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو

 چيف جسٽس چيو ته ڇا توهان بائيڪاٽ ختم ڪري ڇڏيو؟ اخبارن ۾ بائيڪاٽ شايع ٿيل آهي، فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اسان ڪو به بائڪاٽ نه ڪيو آهي، اسان کي بينچ بابت ڪجهه خدشا آهن

 جسٽس منيب اختر چيو ته ٽي وي تي هليو ته اهم گڏجاڻي ٿي آهي، سڀ پڌرنامي جون خبرون هلائيندا رهيا آهن، ٻڌايو ته ڇا توهان اهو پڌرنامو واپس ورتو آهي، چيف جسٽس چيو ته اسان توهان کي في الحال نه ٿا ٻڌون، توهان بائڪاٽ نه ٿا ڪيو ته لکت ۾ ٻڌايو

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پاران صوبائي چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي

 اٽارني جنرل چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جڙيل بينچ پاران ٻڌڻي نه هلائڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

 

 اٽارني جنرل جي 7 صفحن تي ٻڌل متفرق درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي نه هلائي، اليڪشن ملتوي ٿيڻ خلاف پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي نه ڪندڙ ججز تي ٻڌل بينچ ٺاهڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

 چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي رهي آهي

هي به پڙهندا

عمران خان کي سڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ واري درخواست تي وفاق ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس جاري