ساٿي اداڪار پرينيتي جي شاديءَ جي خبرن جي تصديق ڪري ڇڏي

0
299
ساٿي اداڪار پرينيتي جي

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پري نيتي چوپڙا عام آدمي پارٽي جي ميمبر ۽ ڀارتي راجه سڀا جي ننڍي عمر جي راگهو چڍا سان جلد شادي جو امڪان آهي

هاڻي ساٿي اداڪار ۽ ڳائڻي هارڊي سنڌو طرفان پري نيتي جي شادي جي خبرن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پنجابي ڳائڻي هارڊي سنڌو هڪ انٽرويو ۾ تصديق ڪئي ته پري نيتي جي شادي آخرڪار ٿي رهي آهي ۽ هوءَ تمام گهڻي خوش آهي

هن اڳ ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته پري نيتي آخرڪار زندگي ۾ سيٽل ٿي رهي آهي ۽ گڏوگڏ اداڪار جي شادي بابت ڪجهه تفصيلن جو انڪشاف ڪيو

هارڊي سنڌو ٻڌايو ته ڪوڊ نيم ترنگا جي شوٽنگ دوران پري نيتي شادي جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ اداڪارا چيو هو ته هوءَ شادي تڏهن ئي ڪندي جڏهن هن کي لڳندو ته کيس صحيح ماڻهو ملي ويو آهي. گڏوگڏ هن انڪشاف ڪيو ته منهنجي پري نيتي چوپڙا سان ڳالهه ٿي جنهن ۾ مان هن جي شاديءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو