سيوھڻ ڀرسان روڊ حادثي ۾ نوجوان فوت، عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل

0
270
مورو ويجھو روڊ

سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ جي باءِ پاس انڊس ھاءِ وي تي دبئي ھوٽل وٽ موٽر سائيڪل جو رڪشي سان ٽڪر ٿيڻ بعد پٺيان ايندڙ پاڻي جي ٽينڪر ھيٺيان اچي موٽر سائيڪل سوار سيوھڻ واسي 19 ورھين جو نوجوان عيدن ولد رحمت الله موقعي تي فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جي مڙھ کي سيوھڻ جي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ نيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ سندن عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، سيوھڻ پوليس موجب رڪشو ۽ ٽينڪر جي ڊرائيورن کي تحويل ۾ وٺي اين سي داخل ڪئي وئي آھي ۽ حادثي جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي.